English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد جي اربع بازار ۾ باڊهه واسي نوجوان افغاني پٺاڻ هٿان ڇريون هڻي قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
92 views
|
11th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
جوابدار زمين خان ڇرين جا وار ڪري باڊهه واسي زاهد ميراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو
ملير (ڊ ر) گلشن حديد ۾ اربع بچت بازار ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، جوابدار ڇُرين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، وارثن جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي شرڪت، 24 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو: صنعان قريشي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، خبر موجب: اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ۾ لڳندڙ اربع بچت بازار ۾ ٻن دڪاندارن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار زمين خان ڇُري سان وار ڪري نوجوان زاهد ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، واقعي بعد بازار مڪمل طور بند ڪرائي وئي ۽ مقتول جا وارث پهچڻ تائين سخت احتجاج ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪئي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن لاش اسٽيل ٽائون قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ڌرڻي سبب ٺٽو ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند رهي، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شرڪت ڪري مقتول جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي صنعان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي تي پنهنجي وارثن کي بيدردي سان ڇُريون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر ظلم آهي اسان قاتلن جي گرفتاري تائين مقتول جي وارثن سان گڏ آهيون، ڌرڻي ۾ اسان جو مطالبو آهي ته قاتلن کي گرفتاري ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان زاهد ميراڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته زمين خان نالي پٺاڻ ۽ سندس ساٿين بيگناهه اسان جي نوجوان کي ڇُرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، پوليس هن مهل تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد
ملير
ٽريفڪ معطل
0 تبصرے