English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد جي اربع بازار ۾ باڊهه واسي نوجوان افغاني پٺاڻ هٿان ڇريون هڻي قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
views
|
11th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
جوابدار زمين خان ڇرين جا وار ڪري باڊهه واسي زاهد ميراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو
ملير (ڊ ر) گلشن حديد ۾ اربع بچت بازار ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، جوابدار ڇُرين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، وارثن جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي شرڪت، 24 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو: صنعان قريشي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، خبر موجب: اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ۾ لڳندڙ اربع بچت بازار ۾ ٻن دڪاندارن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار زمين خان ڇُري سان وار ڪري نوجوان زاهد ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، واقعي بعد بازار مڪمل طور بند ڪرائي وئي ۽ مقتول جا وارث پهچڻ تائين سخت احتجاج ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي شروع ڪئي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن لاش اسٽيل ٽائون قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ڌرڻي سبب ٺٽو ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند رهي، ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شرڪت ڪري مقتول جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي صنعان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي تي پنهنجي وارثن کي بيدردي سان ڇُريون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر ظلم آهي اسان قاتلن جي گرفتاري تائين مقتول جي وارثن سان گڏ آهيون، ڌرڻي ۾ اسان جو مطالبو آهي ته قاتلن کي گرفتاري ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان زاهد ميراڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته زمين خان نالي پٺاڻ ۽ سندس ساٿين بيگناهه اسان جي نوجوان کي ڇُرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، پوليس هن مهل تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گلشن حديد
ملير
ٽريفڪ معطل
0 تبصرے