ٺٽو: شيرازي هائوس تي اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

شيرازي خاندان جي ھر فرد کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جيڪي سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي چوٿين ورسي ملھائي رھيا آھن: نثار کهڙو

ٺٽو: شيرازي هائوس تي اڳوڻي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) شيرازي خاندان جي سربراھ ناليواري مشھور و معروف سياسي شخصيت اڳوڻي صوبائي وزیر الحاج سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جي چوٿين ورسي تقريب شيرازي ھائوس ٺٽي ۾ شاندار طريقي سان ملھائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي صوبائي وزير سيد رياض علي شاہ شيرازي تقريب ۾ شريڪ ماڻھن جا ٿورا مڃيندي کين چيو تہ آئون توھان جو احسانمند آھيان جو توھان منھنجي بابا سائين جي ورسي ۾ ھيڏي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري مان مٿاھون ڪيو آھي. ھن چيو تہ منھنجي والد سيد اعجاز علي شاہ شيرازي ھميشہ سچي نيت سان بنا ڪنھن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي، اسان بہ پنھنجي والد جي مشن تي ھلندي عوام جي خدمت ڪري رھيا آھيون ۽ ڪندا رھنداسين، اسان جو مرڻ جيئڻ عوام سان گڏ آھي. ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاہ شيرازي ۽ ايم اين اي سيد اياز علي شاہ شيرازي چيو تہ جيترا ماڻھو اڄ ھتي گڏ ٿيا آھن ان مان ظاھر آھي تہ ٺٽي ۽ سجاول جي عوام کي اڄ بہ سيد اعجاز علي شاہ شيرازي سان اوترو ئي پيار آھي جيترو ھُن جي زندگي ۾ ھو، اسان جي وڏڙن جو مشن ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آھي، جيستائين زندگي آھي عوام جي خدمت ڪندا رھنداسين، اھو محبتن جو سلسلو تا قيامت زندگي ڀر جاري رھندو. ھنن چيو اللہ پاڪ جا وڏا احسان آھن جنھن اوھان جي دلين ۾ ايڏي وڏي عزت ۽ مقام رکيو آھي، اسان جي خاندان پاران عوام جي خدمت جاري رھندي. تقريب کي صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪارن سيد نجمي عالم، محمد عثمان ھنڱورو ۽ سرفراز راڄڙ، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ شيرازي خاندان جي ھر فرد کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جيڪي سيد اعجاز علي شاہ شيرازي کي ياد ڪرڻ لاءِ مسلسل چوٿين ورسي ملھائي رھيا آھن ۽ ھو ھميشہ کيس ياد ڪرڻ لاءِ ھيڏو وڏو اھتمام ڪندا آھن. ھنن چيو سيد اعجاز علي شاہ شيرازي سڀني جي دلين ۾ ويٺل آھي ان ڪري ھيڏو وڏو عوام شريڪ آھي، سيد اعجاز علي شاہ شيرازي ھميشہ پنھنجي ھمٿ، روش ۽ روين سان، غريب مسڪين ماڻھن جي خدمت سبب عزت ڪمائي. ھنن چيو تہ ماڻھو زندہ رھي تہ اھڙو رھي جو وڃڻ کان پوءِ بہ ياد ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي هڪ مشهور ۽ باوقار عوامي خدمتگار هو، جنهن هميشه پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، هو هڪ انسان دوست شخصيت جو مالڪ هو. هنن چيو ته عوام جو سمنڊ ڏسي محسوس ٿيو آهي ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي اڄ به عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي. هنن چيو ته سيد اعجاز علي شاهه شيرازي جون ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوام لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون جيڪي ناقابل فراموش آهن. تقريب ۾ ايم پي اي سيد شاہ حسين شاہ شيرازي، پ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، امتياز قريشي، سيد محمود عالم شاہ، عبدالحميد پنھور، عبدالحيمد سومرو، ڄام احسان جوکيو ۽ شيرازي خاندان کان علاوہ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سياسي، سماجي اڳواڻن، معززين، شهرين، صحافين ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ مرحوم سيد اعجاز علي شاہ شيرازي جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ بعد ۾ خيرات جي ماني جو اھتمام پڻ ڪيو ويو