English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ ايس يو پي جي سالگرهه تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو
164 views
|
10th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
اڄ سنڌ تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 18 سالگره تقريب ضلع اوڀر ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ پارٽي جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. سالگره تقريب ۾ ڳالهائيندي ايس يو پي جي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي گبول، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ، غلام شبیر راڄپر، فاروق ڀنگوار ، ايڊووڪيٽ صداقت علي ڳورڙ،، مير حاصل مري، محبوب علي کوسو، ۽ ٻين چيو ته اڄ کان 18 سال اڳ سنڌ جي مرد مجاهد سائين جلال محمود شاھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو بنياد وڌو، جيڪو ٻوٽو سائين جلال شاھ پوکيو اڄ اھو وڌ وڻ ٿيو، اڄ سنڌ تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن، هڪ طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جا وسيلا سنڌي ماڻهن کان کسيا پيا وڃن. انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ کي موجوده وقت ۾ تمام وڏا چئلينج درپيش آهن آهن سنڌ ۾ سياسي ۽ علمي فڪري لائين ڪمزور آھي، انھن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر انهي سموري عرصي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ جو حالتون بد کان بدترين ٿيون آهن. انهن چيو ته سنڌي ماڻهن کي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ نظرياتي لائين ۽ ڌر جو طعين ڪرڻو پوندو، دوست دشمن سنڌ جي حقن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 18 سالن واري سفر ۾ سنڌ جي حقن لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري جدوجهد ڪئي آهي، اسين سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌي ماڻهن جو جياپو سياست ڪرڻ سان آهي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي، اسان کي سردارن ڀوتارن جاگيردارن کي ڇڏي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ساٿ ڏئي نظرياتي سياست ڪري سنڌ جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ط مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم مڪمل
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات، ٽورنامينٽ جي يادگاري شيلڊ پيش
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀيڙيو لالا ٻاھ واقعي خلاف ڀيل برادري جو احتجاج، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
کوکراپار ۾ 18 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ خلاف هزارين شاگرد روڊن تي نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
SUP
0 تبصرے