English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ ايس يو پي جي سالگرهه تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو
views
|
10th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
اڄ سنڌ تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 18 سالگره تقريب ضلع اوڀر ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ پارٽي جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. سالگره تقريب ۾ ڳالهائيندي ايس يو پي جي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي گبول، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ، غلام شبیر راڄپر، فاروق ڀنگوار ، ايڊووڪيٽ صداقت علي ڳورڙ،، مير حاصل مري، محبوب علي کوسو، ۽ ٻين چيو ته اڄ کان 18 سال اڳ سنڌ جي مرد مجاهد سائين جلال محمود شاھ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو بنياد وڌو، جيڪو ٻوٽو سائين جلال شاھ پوکيو اڄ اھو وڌ وڻ ٿيو، اڄ سنڌ تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن، هڪ طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جا وسيلا سنڌي ماڻهن کان کسيا پيا وڃن. انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ کي موجوده وقت ۾ تمام وڏا چئلينج درپيش آهن آهن سنڌ ۾ سياسي ۽ علمي فڪري لائين ڪمزور آھي، انھن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر انهي سموري عرصي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ جو حالتون بد کان بدترين ٿيون آهن. انهن چيو ته سنڌي ماڻهن کي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ نظرياتي لائين ۽ ڌر جو طعين ڪرڻو پوندو، دوست دشمن سنڌ جي حقن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 18 سالن واري سفر ۾ سنڌ جي حقن لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري جدوجهد ڪئي آهي، اسين سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌي ماڻهن جو جياپو سياست ڪرڻ سان آهي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي، اسان کي سردارن ڀوتارن جاگيردارن کي ڇڏي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو ساٿ ڏئي نظرياتي سياست ڪري سنڌ جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي
SUP
0 تبصرے