ارسا ترميم ايڪٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌو درياءِ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جون سازشون بند ڪرڻ گهرجن: اڳواڻ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي طرفان سنڌو درياءَ کان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، ضلع صدر عمرڪوٽ ذوالفقار دلواڻي، مرڪزي اڳواڻ خدا بخش درس، پنھل جمالي، ڊاڪٽر سومار منڱريو، ڪا مريڊ پمون ميھار بنگلاڻي ۽ ٻين اڳواڻ شرڪت ڪندي ۽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءِ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جون سازشون بند ڪرڻ گهرجن، ارسا ترميم ايڪٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڇو ته اهو سنڌ جي حقن تي شديد حملو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ھاري زميندار اڳ ۾ ئي پاڻي جي سخت کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمينن کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن، سنڌ جا سڀ ھاري زميندار ۽ عوام پنهنجو حق جو پاڻي چاهين ٿا ۽ ان جي حصول لاءِ هر قسم جي جدوجهد جاري رکندا ھنن چيو ته اسان کي اسان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ کي ارسا ايڪٽ تحت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جون زمينون آباد ۽ ھاري زميندار خوشحال ٿي سگهن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ارسا ترميمي ايڪٽ واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي، انهن چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ان جو پاڻي جو حق نہ ڏنو ويو ته اسان پنهنجي حق لاءِ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو
0 تبصرے