نيوزيلينڊ جي هاڪا گرل

تحرير:- سيد غلام مصطفي شاھ

نيوزيلينڊ جي هاڪا گرل

ڪجھ ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڏاڍي وائرل ۽ شيئر ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري نيوزيلينڊ جي پارليامينٽ ۾ احتجاجن ڪجھ پنا ڦاڙي رهي آهي ۽ هڪ مخصوص انداز ۾ رقص ڪري ٿي هن ڇوڪريءَ جو اسيمبليءَ ۾ موجود ٻيا رڪن پڻ ساٿ ڏيڻ ٿا ۽ اسيمبلي اجلاس هل هنگامي جي نظر ٿي وڃي ٿو ۽ اجلاس کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ وڊيو ڏسڻ کانپوءِ توهانجي ذهنن ۾ يقينن اهو ئي سوال هوندو تہ اها ڇوڪري آهي ڪير ۽ جيڪي هو آهي لفظ چوي ٿي انهن جو مقصد ڇا آهي.

انهيءَ ڇوڪريءَ جو نالو HANA RAWHITI MAIPI CLARKE (هانا راهتي مئپي ڪلارڪ) آهي، هن جي عمر هن وقت ٻاويھ سال آهي ۽ اها ايڪيھ سالن جي عمر ۾ نيوزيلينڊ جي پارليامينٽ جي گهٽ عمر واري پارليامينٽ رڪن آهي جيڪو نيوزيلينڊ جي تاريخ جو هڪ رڪارڊ رکندڙ ڇوڪري آهي. هي ڇوڪري اتان جي سوشل ايڪٽيويسٽ پڻ آهي. هي نيوزيلينڊ جي هڪ اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿي جيڪي سوين سالن کان اتي آباد آهن هنن جي قبيلي کي " مائوري" سڏيو ويندو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ جيڪو رقص ڪري پئي انکي "هاڪا" چيو پيو وڃي. اچو تہ سمجهون تہ "هاڪا" ڇا آهي ۽ "مائوري" ڇا آهي. مائوري اصل ۾ انگريزن يعني برٽش جي اچڻ کان بہ اڳ موجود هئا. اڄڪلھ انهي قبيلي جا ماڻھو نيوزيلينڊ جي آباديءَ جو تقريبن %15 حصو آهن،هنن جا پنهنجا خاص رسم ۽ رواج آهن انھن قبيلي وارن جي خاص نشاني اها پڻ آهي تہ انهن جي جسمن تي خاص قسم جا ڊزائين ٺهيل پڻ هوندا آهن جن کي "ٽيٽو" چيو وڃي ٿو.مائوري قبيلي جي ماڻهن ئي پهريان نيوزيلينڊ جا جزيرا دريافت پڻ ڪيا هئا. جڏهن انگريزن يعني برٽش وارن نيوزيلينڊ تي ڪاهون ڪيون تہ مائوري قبيلي وارن انهن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. 6 فيبروري 1940 تي انگريزن ۽ مائوري قبيلي جي وچ۾ هڪ معاهدو ٿيو تہ مائوري قبيلي جي ماڻهن کي انگلينڊ جي شهرت ڏني ويندي ۽ مائوري قبيلي وارا انگريزن خلاف ڪا بہ جنگ نہ ڪندا.ان کان پهريان به مائوري قبيلي جي هڪ سينيٽ ميمبر کي ڳالهائڻ جي پڻ اجازت نه ڏني ويندي هئي هڪ دفعا ته ان عورت کي ٽاءِ نہ پائڻ جي ڪري تقرير ڪرڻ کان بہ روڪيو ويو هو.

هاڻي اچو تہ سمجهون تہ هاڪا ڇا آهي؟ هاڪا اصل ۾ مائوري قبيلي جو خاص ناچ آهي. اهو اصل ۾ جنگ جي وقت ناچ ڪيو ويندو هو تہ جيئن مخالف تي رعب ۽ هيبت طاري ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهنکي عزت ڏيڻ يا خوشي جي موقعي تي پڻ اهو ناچ ڪيو ويندو آهي. ڪجھ ٽائيم پهريان نيوزيلينڊ جي رگبي ٽيم گرائونڊ ۾ اهو ناچ پڻ ڪيو هو جيڪو سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو هو.ڪجھ وقت پهريان نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن تي حملو ڪيو ويو هو تہ اتي ڪيترائي نمازي شهيد ٿيا هئا اهو واقعو نيوزيلينڊ ملڪ لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو هو، مائوري قبيلي جي ماڻهن انهن سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ لاءِ هاڪا ناچ ڪيو هو. هانا جيڪو پارليامينٽ ۾ هڪ مخصوص انداز سان ناچ ڪري پئي اهو بہ هاڪا جو هڪ قسم آهي، انهيءَ ناچ کي انقلابي ناچ جي طور پڻ سڏيو ويندو آهي.