English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگھ 500روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري: اياز لطيف پليجو
99 views
|
27th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سول اسپتال حيدرآباد پھچي ڊينگي ۾ مبتلا قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کان علاج بابت تفصيل ورتا. ايم ايس ڊاڪٽر محمد علي قائمخاني کي بھتر علاج جون ھدايتون ڏنيون. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت فوري طور ڪمند جو سرڪاري اگھ پنج سئو روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ جي زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن بہ فصل تيار ٿين ٿا تہ انھن جا هٿرادو اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي بدحال ڪيو وڃي ٿو. گذريل سال ڪمند جو سرڪاري اگھ چار سو پنجويھ روپيا مقرر ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نہ ڪيو آهي شگرملز مالڪ آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري کنڊ جو اگھ گھٽ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي گذريل سال جي سرڪاري اگھ کان گهٽ قيمت ۾ چار سئو روپيا في مڻ خريد ڪري آبادگارن ۽ ھارين سان ناانصافي ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ ھزارين سالن کان سنڌين جو آھي ۽ رھندو پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا ھن وقت وڏو حملو سنڌ تي سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنالن جي صورت ۾ ڪيو آهي. سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو آصف علي زرداري کي ڪو بہ اختيار ناھي. ملڪ ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جو احساس ناھي. پاڪستان ڏيھون ڏينھن سياسي ۽ معاشي بحرانن جي کوھ ۾ ڪري رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے