English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت ڪمند جو سرڪاري اگھ 500روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري: اياز لطيف پليجو
views
|
27th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سول اسپتال حيدرآباد پھچي ڊينگي ۾ مبتلا قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کان علاج بابت تفصيل ورتا. ايم ايس ڊاڪٽر محمد علي قائمخاني کي بھتر علاج جون ھدايتون ڏنيون. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت فوري طور ڪمند جو سرڪاري اگھ پنج سئو روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي سنڌ جي زرعي معيشت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن بہ فصل تيار ٿين ٿا تہ انھن جا هٿرادو اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي بدحال ڪيو وڃي ٿو. گذريل سال ڪمند جو سرڪاري اگھ چار سو پنجويھ روپيا مقرر ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نہ ڪيو آهي شگرملز مالڪ آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري کنڊ جو اگھ گھٽ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي گذريل سال جي سرڪاري اگھ کان گهٽ قيمت ۾ چار سئو روپيا في مڻ خريد ڪري آبادگارن ۽ ھارين سان ناانصافي ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ ھزارين سالن کان سنڌين جو آھي ۽ رھندو پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا ھن وقت وڏو حملو سنڌ تي سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنالن جي صورت ۾ ڪيو آهي. سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو آصف علي زرداري کي ڪو بہ اختيار ناھي. ملڪ ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جو احساس ناھي. پاڪستان ڏيھون ڏينھن سياسي ۽ معاشي بحرانن جي کوھ ۾ ڪري رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے