شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اھم اجلاس الاھي بخش شيخ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

اجلاس جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري استاد عبدالوهاب ڪاغذي ھلائي

شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اھم اجلاس الاھي بخش شيخ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

شڪارپور (احسان ابڙو )شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اھم اجلاس جامعہ مجیدیہ تعلیم القرآن درگاہ شریف مفتي اعظم شڪارپور ۾ چيئرمين الاھي بخش شيخ صاحب جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري استاد عبدالوهاب ڪاغذي ھلائي. اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. اجلاس ۾ عھديدارن ۽ معزز ميمبرن شرڪت ڪئي. چيئرمين الاھي بخش شيخ، جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب ڪاغذي وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو، جوائنٽ سيڪريٽري فضل الله نوراني، پريس سيڪريٽري عبدالغفور ادل دايو، حافظ مصعود احمد قادري، حاجي عبدالفتاح مھر، ڏاڏو طاھر سومرو، احسان احمد جيھو، مولوي مشتاق احمد سهندڙو شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 جي اليڪشن لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي.اليڪشن لاءِ ذميواريون مقرر ڪيون ويون، . اليڪشن چيئرمين: حافظ مصعود احمد قادري، 2. معاون: ڏاڏو طاھر سومرو، 3. معاون: حاجي عبدالفتاح مھر, ڪاميٽي کي شڪارپور بچايو تحريڪ جي آئين مطابق اليڪشن ڪرائڻ جي ذميواري ڏني وئي.اجلاس جي پڄاڻي تي اسلام ۽ ڀائيچاري لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.