علي حسن آرائين اسڪول اندر پنهنجي زال ليڊي ٽيچر ناياب تي فائرنگ ڪرڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو
نوشهروفيروز (ڊ ر) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر آرائين ۾ نوجوان علي حسين آرائين اسڪول اندر ليڊي ٽيچر ناياب آرائين کي قتل ڪري پاڻ آپگھات ڪري ڇڏيو واقعو ڳوٺ غلام حيدر آرائين ۾ پيش آيو جتي عورت ناياب آرائين مٿان مبينا طور علي حسن آرائين فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ تي به فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي کي کڻائي ڀرياسٽي اسپتال پھچايو جتي علي حسين آرائين زخمن جا سور نه فوت ٿي ويو جڏھن ته عورت ناياب آرائين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشھروفيروز اسپتال منتقل ڪيو جتي ھن علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته مقتولا جي اڳ ۾ بابر آرائين سان شادي ٿيل هئي جنهن مان ٽن ٻارن جو اولاد اٿس جنهن کان طلاق وٺي ناياب آرائين علي حسن سان عدالتي پرڻو ڪيو هو پر ٻنهي ۾ تڪرار هلندڙ ھو جڏھن ته اسپتال ۾ آپگهات ڪندڙ علي حسن آرائين جي ڀاء آصف آرائين ٻڌايو ته مان ٻني تي ويل ھيس ته واقعي بابت اطلاع مليو ٻنھي جي وچ ۾ تڪرار ھلندڙ ھو ٻئي پاسي مقتول عورت ناياب آرائين جي پيء منظور آرائين ڀاء سھيل آرائين ۽ سجاد آرائين ٻڌايو ته جوابدار علي حسين آرائين اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي ھن ڌوڪي سان ڀيڻ سان شادي جو ڊرامو رچايو ھو پر ان باوجود اسان جو عدالت ۾ خلع جو ڪيس ھلي رھيو ھو ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته ھڪ سال اڳ عورت ناياب سان علي حسين آرائين عدالتي پرڻو ڪيو ھو عورت ناياب کي اڳوڻي مڙس بابر آرائين مان ٽن ٻارڙن جو اولاد آھي آپگھات ڪندڙ علي حسن جي عمر 30 سال ھئي ۽ مقتولا ناياب آرائين جي عمر 40 سال ھئي جيڪا ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ھئي ٻئي پاسي اسپتال ۾ پوسٽمارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ھريش ڪمار ٻڌايو ٻنھي جو موت گولي لڳڻ سبب ٿيو آھي رابطي تي ايس ايڇ او منير لغاري ٻڌايو ته اسپتال مان پوسٽمارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آھن
0 تبصرے