English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي عوام جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو ويو، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ
جيڪب آباد(رپورٽر) سنڌو تي ڌاڙو نامنظور سنڌ ترقي پسند پارٽي جيڪب آباد پاران مرڪزي سڏ تي سنڌوءَ مٿان غير قانوني ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي ڪڊي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو احتجاجي ريلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي پاران شرڪت ڪئي وئي جڏھن ته شڪارپور ڊويزن جي اڳواڻن توڙي مقامي قيادت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شڪارپور کان ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو پاران ساٿين سميت شرڪت ڪئي وئي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اقتدار خاطر سنڌ جي عوام جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو آهي جنهن عوام جي ڪري انهن کي وڏ وزارت ۽ ايوان صدر مليو آهي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ فرق ناهي رهيو پيپلزپارٽي اڳ ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪئي سنڌ جي عوام اٿ کڙي ٿي آهي 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو اسان پنجاب جا رستا عارضي طور ڌرڻا هڻي بند ڪيا آهن اگر 6 ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ته مڪمل ڦيٿاروڪ ڪري پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا جلسي کي ڊويزنل اڳواڻ عبدالرزاق لاشاري عبدالستار جاگيراڻي مجيد سرڪي نظام مستوئي عبدالنبي مگسي سميت ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته شڪارپور مان ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو ساٿين سميت شرڪت ڪئي وئي ، احتجاجي ريلي ۾ شھرين ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدر شاهاڻي
جيڪب آباد
سنڌ ترقي پسند پارٽي
0 تبصرے