نوشهروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ ۽ سول اسپتال انتظاميه پاران رت جي عطئي ڪيمپ قائم

ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ٿيليسميا ڊائلاسز ۽ ايمرجنسيء جي مريضن لاء رت جي عطئي جي ڪئمپ لڳائي ويئي

نوشهروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ ۽ سول اسپتال انتظاميه پاران رت جي عطئي ڪيمپ قائم

نوشهرو فيروز (ڊ ر) فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ سول اسپتال نوشھرو فيروز پاران ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ ۾ ٿيليسميا ڊائلاسز ۽ ايمرجنسيء جي مريضن لاء رت جي عطئي جي ڪئمپ لڳائي ويئي۔ جنهن ۾ انفارميشن آفيسر عبداللطيف سولنگي۔ استاد عطاء الله سولنگي ۽ استاد امير احمد سولنگي خصوصي تعاون ڪيو۔ ان موقعي تي ڳوٺ جي نوجوانن رت ڏيئي خوشيء جو اظهار ڪندي چيو ته اسانکي بيحد خوشي ٿي رهي آهي جو اسان جو رت انسان ذات جي ڀلائيء لاء استعمال ٿي رهيو آهي۔ اڳواڻن چيو ته هن ڪئمپ جو مقصد سول اسپتال ۾ ايندڙ ٿيليسيميا، ڊائلاسز توڙي ٻين بيمارين ۾ متاثر غريب مريضن جي مدد ڪرڻ آھي۔ خداوند ڪريم اسانکي همت ڏني آهي جو ھن ڪار خير ۾ هر ڪو پنھنجو حصو وجھي رهيا آهيون۔ جڏهن ته ڪئمپ جي اڳواڻي ڪندڙ اعجاز ممنائي چيو ته نوجوانن جو ڏنل رت ضرورتمند مريضن جي جياپي جو ذريعو آھي۔ الله جي راهه ۾ اگر مال ڏيندا ته مال وڌندو اگر خون ڏيندا ته ڪريم رب توھان کي صحتمند زندگيء عطا ڪندو۔هن چيو ته ھڪ صحتمند انسان ھر ٽن مهينن کان پوءِ رت جو عطيو ڏئي سگهي ٿو. رت ڏيڻ سان توهان جي جسم کي نئون ۽ تازو رت ٺاھڻ جو موقعو ملي ٿو.