English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي پروگرام منعقد
views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ميان خالد ولھاري، اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاھري ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميہ پاران سول سوسائٽي، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي واري کاتي عمرڪوٽ ۽ سماجي تنظيمن جي گڏيل سھڪار سان مقامي شادي ھال ۾ پروگرام ٿي گذريو جنھن ۾ مھمان خاص طور تي وائيس چئرمين ضلع ڪائونسل ميان خالد ولھاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو سميت سياسي سماجي حلقن شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري چيو ته اسان وٽ عمرڪوٽ ۾ موجود معذور ٻارڙن جي تعليم جي حوالي سان اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبليٽيشن کاتي عمرڪوٽ معذورن ٻارڙن ۾ موجود مخصوص صلاحيتن کي بھتر نموني سان اجاگر ڪيو آھي ۽ انھن خاص ٻارڙن جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اھي ٻار پنھنجي وطن جي ترقيءَ ۾ پڻ شامل ٿي سگھن ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو ته خاص ٻار اسان جي سماج جو هڪ مڪمل حصو آهن، ضلعي انتظاميه خاص ٻارن جي مسئلن کان پوري طرح باخبر آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن کي استعمال ڪري انهن کي ملڪ جي ترقي جي قومي ڌاري ۾ شامل ڪيو وڃي، ان ڪري خصوصي تعليم ۽ بحاليءَ جي ادارن جي سربراهن جي اها ذميواري آهي ته اهي ادارن ۾ معذور ٻارڙن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن ۾ موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاء فعال ڪردار ادا ڪن اسسٽنٽ ڪمشنر رجب علي سٺيو چيو تہ اسان سڀني کي معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي اھو عھد ڪرڻ گھرجي تہ ھن سماج ۾ جيڪي بہ ٻار معذور آھن انھن سمورن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي تہ جيئين اھي ٻار وڏا ٿي ڪري معاشري ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، انھن سمورن ٻارڙن کي ھمدردي کان وڌيڪ حوصلا افزائي جي ضرورت آھي اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي واري کاتي عمرڪوٽ جي پرنسپال ڪمال احمد چيو ته خاص تعليم ۽ بحالي وارو کاتو معذور ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن معذورن جي فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏھن ته پروگرام دوران رٿيل تقريب کي پروفيسر عبدالرؤف سومرو، سماجي اڳواڻ غلام مصطفي کوسو، سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي ميڊم ڪرن بشير، سماجي تنظيم ايس ايل ٽي ايف جي انجنئير ڪنھيا موھن لال سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي معذورن ٻارڙن پاران ٽيبلوز پيش ڪيا ويا جڏھن ته پروگرام ۾ شريڪ مھمانن توڙي آفيسرن پاران معذور ٻارڙن کي گفٽ ڏنا ويا مختلف سماجي تنظيمن پاران معذور ٻارڙن کي ويلچئر ۽ اسپورٽس ڪٽ پڻ ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے