ٽنڊوڄام ۾ شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊانسر ناري جو گهوٽ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڳوٺ نصير پسيو ۾ شادي تقريب دوران خوشي ۾ ڪيل فائرنگ ۾ حيدرآباد واسڻ ڊانسر ناري مهندي راجپوت مارجي وئي هئي

ٽنڊوڄام ۾ شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊانسر ناري جو گهوٽ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ٽنڊوڄام (رپورٽر) ٽنڊوڄام ۾ شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ دوران مارجي ويل ڊانسر ناري جو ڪيس گهوٽ سميت 5 ڄڻن خلاف داخل، ڳوٺ نصير پسيو ۾ شادي جي تقريب دوران خوشي ۽ ڪيل فائرنگ ۾ حيدرآباد جي بازار حسن جي ناچڻي مهندي راجپوت ڪارتوس لڳڻ سبب فوت ٿي هئي جڏهن ته گهوٽ جو ڀاءُ جلال پسيو زخمي ٿيو هو ناري ڊانسر جي والد ارشد راجپوت جي فرياد تي گهوٽ جمال، سندس ڀاءُ جلال، ظفر ناهيون ۽ ٻن نامعلوم خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ناري مهندي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي آپريشن دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو هو، ارشد راجپوت جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع ڏيڻ باوجود ٽنڊوڄام پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي رهي، واقعي جو اطلاع ملڻ تي وارث عورتن گهرايو هو، پر هنن چيو ته صرف ڪارتوس جو ڇڙو لڳو آهي، ايس ايڇ او ٽنڊوڄام پاران پنهنجي پهرين موقف ۾ فائرنگ جي واقعي کان ئي نٽائيندو رهيو.