ڊاڪٽر معين الدين صديقي ايڊز کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو
سيوهڻ (رپورٽر) سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ ۾ ايڊز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان واک ۽ آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو. سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ايڊز کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ هن چيو ته احتياطي تدابير نه هجڻ سبب ايڊز تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ايڊز جي ڦهلجڻ جو وڏو سبب جعلي ڊاڪٽرن جو علاج آهي. صاف ۽ محفوظ رت جو استعمال ڪريو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته رت جي منتقلي کان اڳ مڪمل طور تي تصديق ٿيل ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪئي وڃي. انجيڪشن وقت محتاط رھو، ھميشه نئين ۽ جراثيم کان پاڪ سرنج استعمال ڪريو.محفوظ رشتا قائم ڪريو غير محفوظ رشتن کان پاسو ڪريو ۽ احتياط ڪريو. واک ۾ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل شاگردن شرڪت ڪئي. واک ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدین صديقي، ايڇ آءِ وي سينٽر انچارج ڊاڪٽر منير پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے