ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي عيد تي ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، هر پاسي ثقافتي رنگ نکري پيا

پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ ثقافتي عيد ملهائيندا رهنداسين: نوجوان

ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي عيد تي ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، هر پاسي ثقافتي رنگ نکري پيا

ڪشمور(دلبر جاني) زنده قومون پنهنجي ثقافت کي ياد رکنديون آهن ھڪ ڊسمبر ثقافتي ڏھاڙو سڄي سنڌ سميت ڪشمور ۾ ڀرپور نموني سان ملھايو ويو گڊو بيئراج سنڌو دريا کي گلن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي سڄي سنڌ ۾ ھر طرف ثقافت جارنگ جرڪي پيا ڪشمو شھر مختلف اسڪولن سياسي سماجي ۽ قوم پرست پارٽن پاران الڳ الڳ ريليون ۽ ڪڌيون ويون جيڪي گڊو بيئراج وٺ گڏ ٿيون ھرطرف سنڌي اجرڪ ٽوپي پٽڪو ٻار توڙي وڏا سنڌ امڙ جي ثقافت ريلين جي صورتن ۾ پريس ڪلبن آڏو پھچي ۽ ان کان پوء گڊو بيئراج وٺ پھيون جتي گڊو بيئراج سنڌو دريا گلن ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي ميڊيا سان ڳالهيندي انهن جو چوڻ ھو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آهي پوء ڇو نه اسان پنهنجي ثقافتي ڏينهن کي عيد جيان ملھايون اڄ اسين خوش اسان عيد کان به وڌيڪ ھن ڏينهن تي خوشي ملندي آهي اسين زنده قوم آھيون جيڪي پنهنجي ثقافت کي زنده ڪيون پيا ٿا اچون اسان سنڌي ڌرتي اھا سر زمين آهي جيڪا امن جو پيغام ڏيندي آهي پر بد قسمتي سان اسان جي سنڌ کي الھي جي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي خاص ڪري اتر سنڌ جنهن ۾ ماڻهن گھرن ۾ به محفوظ ناھين ۽ وري روڊن تي اغوا ڦر توڙي سماجي برايون جي ور چڙھي وئي آهي آخر ماڻهن ڪاڏي وڃن گھر مان نڪرن ٿا ٻچن جي روزڪار لاء شام گھر ڀاتي پريشان ھوندا آهن شام جو الھي جي ڇو دير ڪئي اٿس ڪٿي ڪٿي ظالمن جي ھٿين نه اچي ويو وري ٻئي پاسي حڪومت جون سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي بريون نظرون اسان انهن کي ٻڌائيڻ ٿا چاھيون اھي انهن جون ناپاڪ آرادا ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏينداسين پھرين به اسين انهن کي شڪست ڏني آهي ۽ ھاڻي به ڏينداسين اڄ اسين وچن ٿا ڪيون ته سنڌ ڌرتي تي ڪنهن به پاڻي يا وسيلن تي ڪنهن به ميري اک سان ڏٺو ته انهن جي سسئي سر کان ڌار ڪري ڇڏينداسين اسين سر زمين سنڌ اسان جي ماء آھي