ٺٽي ۾ پوليس پاران به ثقافتي ڏهاڙي تي ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

اسان جي ثقافت پنج ھزار سال پراڻي آھي: ڊاڪٽر محمد عمران خان نيازي

ٺٽي ۾ پوليس پاران به ثقافتي ڏهاڙي تي ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊسٽرڪٽ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران پھرين ڊسمبر ثقافتي ايڪتا ڏيھاڙي جي سلسلي ۾ SSP ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان نيازي۽ ضلعي انتظاميا جي اڳواڻيء ۾ ھڪ شاندار ريلي پوليس ھيڊ ڪواٽر مڪلي کان DC چوڪ پبلڪ پارڪ ٺٽو تائين ڪڍي ويئي ريلي ۾ مختلف پوليس آفيسرز DSP ٺٽو، Dip ، انچارج AD شيخ ، ايس ايڇ اوز ،انچارج ميڊيا سيل محمد سلمان ھالو، PRO ٺٽو ارشاد کڏائي، سوشل ويلفير آفيسر ميڊم مھرين سومرو، KB بھراڻي سميت پوليس جي اهلڪارن ،جوانن ، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن، مختلف اسڪولن جي اجرڪ پاتل استادن ،ثقافتي ويس پھريل ننڊڙن اسڪولي ٻارڙن توڙي سوين عام ماڻھن ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي قومي گيتن تي رقص ڪندي پنھنجي ثقافت جو اظھار ڪيو ريليء کي خطاب ڪندي SSP ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان نيازي چيو ته سنڌي ثقافتي ڪلچر جو ڏينھن اسان لاءِ عيد مثل آھي اسان جي سنڌي ثقافت پنج ھزار سال پراڻي آھي ۽ اسان کي پنھنجي ثقافتي ڪلچر سان پيار آھي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جو شان مان آھي ان لاءِ اسان اھو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملھائيندا آھيون ۽ ملهائيندا رھنداسين ،اڄوڪي ثقافتي ڏيھاڙي جي سموري سنڌ واسين سان گڏ پوري پاڪستاني عوام کي مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي