مورو ۾ انتظاميه پاران دڪاندارن ۽ ريڙها مالڪن کي حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ وارننگ

حددخلين سبب پاڻي نيڪال وارو منصوبو متاثر ٿي رهيو آهي، شهري تڪليفن ۾ مبتلا آهن: نظير ميمڻ

مورو ۾ انتظاميه پاران دڪاندارن ۽ ريڙها مالڪن کي حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ وارننگ

مورو(رپورٽر) مورو ميونسپل ڪاميٽي چئيرمين نظير ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو عزيز الرحمان ڪلهوڙو، سي ايم او مورو نور سمون، مورو، اينٽي انڪروچمينٽ اسٽاف ۽ سنڌ پوليس جي اهلڪارن پاران دڪاندارن، روڊ مالڪن تي حددخليون ڪرڻ جي آخري وارننگ ڏني وئي۔ ميونسپل چئيرمين نظير ميمڻ صحافين سان ڳالئندي چيو تي حددخلين سبب پاڻي نيڪال جو منصوبو متاثر ٿي رهيو آهي، مورو جي چونڊيل نمائندي ايم پي اي ضياءُ الحسن لنجار جي ڪوششن سان پاڻي جي نيڪال کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ نيون پائيپ لائينون اچي چڪيون آهن ۽ جلد ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو، جنهن لاءِ روڊن کي گذرڻ لائق بڻائڻ لاءِ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن دوڪاندارن طرفان ٿڪا نہ هٽايو ويا تہ انهن سڀني ٿڪا کي هٽايو ويندو۔ جڏهن تہ مورو جي شهرين جو چوڻ هئو تہ مورو تعلقي جو گندو پاڻي نيڪال جو مسئلو حل ڪيو وڃي، اهو شهر جو هڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ عوام جو بہ مطالبو آهي تہ ان سان مورو شهر جو مسئلو حل ٿيندو ۽ آبادگارن جا مسئلا حل ٿيندا ۽ پيش ايندڙ مسئلا گهٽجي ويندا۔