اسپارڪ ٻارن جي حقن جي حوالي سان 25 سالن کان ڪم ڪري رھيو آهي: اڳواڻ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم اسپارڪ طرفان عمرڪوٽ ڀرسان ھيراباد ۽ ڀٽائي برڪس ڪمپني تي الڳ الڳ تقريبون ڪوٺايون ويون جنهن ۾ مختلف بٺن جي شاگردن شاگردياڻين جي وڏي انگ توڙي استادن سندس وارثن شرڪت ڪئي ان موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ ۽ اسپارڪ جي پروگرام مئنيجر آصف بجير چيو ته ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي اسان جي ڪوشش آهي ته بٺي تي جيڪي به ٻار ڪم ڪن ٿا انهن لاء وڌ ۾ وڌ تعليم صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي جون سھولتون ڏئي رھيا آھيون اسپارڪ ھڪ اھڙو ادارو آهي جيڪو ٻارن جي حقن جي حوالي سان گذريل 25 سالن کان ڪم ڪري رھيو آهي ۽ اسان وٽ جيڪي نان فارمل تحت 12 سينٽر ايجوڪيشن جا ھلي رھيا آهن انهن ۾ 400 کان مٿي بٺي ته ڪم ڪندڙ مزدورن جا ٻار تعليم حاصل ڪري رھيا آهن اسان جي ڪوشش آهي ته اڃا به بٺن جي بھتري لاء حڪومت وڌيڪ تعاون ڪري جيئن بٺي توڙي بانڍيڊ ليبر ۾ ٻار اچن ٿا انهن کي تعليم جھڙي نعمت سان اڳتي آڻيون جيئن اسان جي ملڪ جو نالو روشن ٿئي ان موقعي تي سماجي اڳواڻ لجپت مالھي ۽ سنڌو بلوچ خطاب ڪندي چيو ته اسپارڪ جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن جيڪا غريب بٺي مزدور پورھيتن جي ٻارڙن کي علم جي زيور سان مالا مال پئي ڪري نان فارمل ايجوڪيشن مان سرڪاري اسڪولن ۾ 45 کان وڌيڪ ٻارڙن کي داخل ڪرايو ويو آھي جيڪو عمل بھترين ۽ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو ان موقعي تي سورج مل مالھي امبرين ڪي ڪي شھديو مالھي غلام رسول بجير آر بي شيخ ۽ ٻين چيو ته مزدورن جي ٻارن جا خواب آھن ته اسان تعليم حاصل ڪري پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيون ملڪ پاڪستان ء سنڌ جي خدمت ڪري سگهون سماجي تنظيمن سان گڏ حڪومت به بٺي مزدورن جي ٻارن لاءِ جوڳا قدم کڻي ته ھو تعليم حاصل ڪري سگهن
0 تبصرے