نوشھرو فيروز ۾ گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر ايسوسي ايشن سنڌ جي ٺيڪيدارن پاران احتجاج

ياسين چانڊيو، نصرالله پهنور رياض ڪورائي، چيزل مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

نوشھرو فيروز ۾ گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر ايسوسي ايشن سنڌ جي ٺيڪيدارن پاران احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽر) نوشھرو فيروز گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر ايسوسي ايشن سنڌ نوشهروفيروز جي ٺيڪيدارن پاران سردار شاهه تعليم واري وزير جي فيصلن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سردار شاهه ۽ سندس ڪمپني کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ياسين چانڊيو، نصرالله پهنور رياض ڪورائي، چيزل مشوري ۽ ٻين چيو تہ سردار شاهه جي زيادتين خلاف ڪانٽريڪٽر ايسوسي ايشن آف سنڌ نوشهروفيروز جو ٺيڪيدارن ناانصافي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سردار شاهه 2022ع ۾ برساتن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي اڏاوت جي ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي ڪانٽريڪٽرن کي سنگل ڪيٽيگري ٺاهي شامل ڪيو ويو آهي سردار شاهه عالمي بئنڪ مان مليل رقم پنهنجي ڪمپني ٺاهي کائڻ جي چڪر ۾ آهي اسان ڪانٽريڪٽرز ايسوسي ايشن هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ به آيا هئاسين، سردار شاهه اسان سان نا انصافي ڪري ڇڏي آهي اسان جو مطالبو آهي ته صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي ننڍن ٺيڪيدارن تي رحم ڪن ۽ سردار شاهه جون سنڌ دشمن پاليسيون ختم ڪيون وڃن ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي