English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريٽ لسٽ کان وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي: ڊي سي شڪارپور
views
|
18th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي دوران مرغي، تيل، گيهه، کنڊ ۽ انڊن ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا
شڪارپور ( احسان ابڙو )ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور واپارين ۽ ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن وارن سان گڏجاڻي ڪري روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا۔ريٽ لسٽ کان وڌيڪ قيمتون وٺندڙن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا۔ ڊي سي شڪارپور، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ۾ واپارين ۽ ڪريانه مرچنٽ، ۽ ٻين ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪري روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر ڪيا. گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر خدا بخش ڪلوڙ، پرائيز انسپيڪٽرس شاهنواز مهر، گڊائون انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ پٺاڻ، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن جو صدر فائق علي ميمڻ، نائب صدر جئپالداس، صدر سبزي مارڪيٽ آغا نصيب الله ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.. گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو تہ روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه هن ريت مقرر ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هر دڪاندار پنهنجي پنهنجي دڪانن تي ريٽ لسٽ ظاهر نه ڪئي يا مقرر اگهن کان وڌيڪ اگهه ورتا ويا ته ان سلسلي ۾ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا. هن چيو ته ڪجھ شين جا ريٽ اوپن رکيا ويا آهن. جن ۾ مرغي، تيل، گيهه، کنڊ ۽ انڊا شامل آهن،انهن جا ريٽ صبح سوير تعلقن جي مختيارڪارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڏنا وڃن ته جيئن هو اوپن ريٽ کي روزانو جي بنياد تي چيڪ ڪري سگهن. هن چيو ته گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهو قيمتون وڌي وڃڻ سبب پريشان ٿي وڃن ٿا. ان موقعي تي روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ھن ريت مقرر ڪيا ويا. جن ۾ دال مسور 270 روپيه، دال مڱ صاف 420 روپيه، دال مڱ هلڪي 340 روپيه، دال مڱ ڀمپر 390 روپيه، دال ماڇ 460 روپيه، چڻن جو بيسڻ 390 روپيه، چڪيءَ جو اٽو 90 روپيه، فلور چڪي اٽو 80 روپيه، اسپيشل اٽو 90 روپيه، سوجي 95 روپيه، باسمتي ڪرنل چاور (پنجاب) من 160 کان 180 روپيه، چانور باسمتي ڪرنل (سنڌ) 230 روپيه، چانور باسمتي ڏارو 110 کان 120 روپيه، ميدو 100 روپيه، ڳڙ 170 کان 180 روپيه، مٺائي 170 کان 180 روپيه، مينهن جو گوشت 600 روپيه، ڳائو گوشت 900 روپيه، ٻاڪرو گوشت 1600 روپيه، مڇي 2 ڪلو کان مٿي واري 500 روپيه، مڇي 1ڪلو کان مٿي 430 روپيه، مڇي 1 ڪلو کان گھٽ 350 روپيه، کارڪون 200 کان 400 روپيه، ڇولا 9 ايم ايم 340، بيسڻ مٽر 180 روپيه، ڳاڙها مرچ ثابت 620 روپيه ۽ پيٺل ڳاڙها مرچ سٺا 680 روپيه، ڳاڙها مرچ پيٺل هلڪا 400 روپيه، تازو کير 160 روپيه، ڏهي 220 روپيه في ڪلو مقرر ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Apr 2025
•
تازہ ترین
ریکوڈک میں تعمیراتی منصوبوں کی منظوری، وفاق اور بلوچستان حکومت شراکت دار ہیں، مارک برسٹو
15th Apr 2025
•
تازہ ترین
مشرقی لیبیا میں تارکین وطن کی کشتی الٹنے سے11 افراد ہلاک، 4 پاکستانی بھی شامل
15th Apr 2025
•
تازہ ترین
نشے کے عادی شخص کی فائرنگ 2 بیٹوں اور بہو کو قتل کر دیا
15th Apr 2025
•
سندھ
کراچی؛ پیکا ایکٹ پر پولیس کی جانب مقدمہ سے عدالت نے باعزت بری کردیا
15th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي ۽ سنڌو بچايو تحريڪ جو پاور شو، هزارين ماڻهو شريڪ، تڪراري ڪئنال نامنظور جي نعرن جي گونج
15th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته بندرگاهه روڪينداسين: جونيئر ذوالفقار
15th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
بنيادي صحت جي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: سيد مراد علي شاهه
15th Apr 2025
•
تازہ ترین
ریکوڈک میں تعمیراتی منصوبوں کی منظوری، وفاق اور بلوچستان حکومت شراکت دار ہیں، مارک برسٹو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور
الطاف احمد چاچڙ
واپارين
ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن
0 تبصرے