عمرڪوٽ جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سائنسي ميلو منعقد، راڻا همير سنگهه سوڍو پاران دورو

چونڊيل نمائندن، مختلف اسڪولن جي استادن، شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪري شاگردن جي ٺاهيل سائنسي ماڊلز جو معائنو ڪيو

عمرڪوٽ جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سائنسي ميلو منعقد، راڻا همير سنگهه سوڍو پاران دورو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سائنسي ميلو، چونڊيل نمائندن، اسڪولن جي استادن، شاگردن جي شرڪت خبر موجب عمرڪوٽ جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ سائنسي ميلو ٿي گذريو جنھن ۾ چونڊيل نمائندن سميت استادن شاگردن شرڪت ڪئي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سائنسي ميلي ۾ شريڪ ٿي گھڻي خوشي ٿي حصو وٺندڙ شاگردن ۾ وڏو ٽئلنٽ آھي جن دل سان ڪوشش ڪري محنت ڪئي آھي کيس جس ڏيون ٿا شاگرد سائنس سميت ٻين شين جو نماءُ ڪري بھتر ڪم ڪيو آھي پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ چيو ته سائنسي ميلي ۾ شاگردن پريڪٽيڪل شين جو نماءُ ڪري محنت ڪئي آھي جيڪا بھتر عمل آھي استاد جو ڪم سيکارڻ آھي ۽ شاگرد جو ڪم آھي انھي تي توجھ ڏيئي سکيا وٺڻ گھرجي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته سائنسي ميلو تمام بھترين لڳو آھي ۽ شاگردن به محنت سان ھن ميلي ۾ مختلف شين جو نماءُ ڪيو آھي آئون کيس جس ڏيان ٿو ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر ميرچند اوڏ چيو ته اسان تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سميت ۽ تعليم کاتي جي اختيارين جا ٿورائتا آھيون جن سائنسي ميلي جي شروعات ھتان کان ڪئي آھي سائنسي ميلي ۾ گورنيمنٽ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالروف سومرو سميت ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته ميلي ۾ ايم سي ميمبرن رميش ڪمار رتناڻي، برھان الدين ڪنڀر، دليپ مولچنداڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي، رئيس چاڪر خان مري، شوڪت سميجو، ڌرمداس نرڀاڻي، ڪنھيا موھن لال رتناڻي، پرتابراء ميگھواڙ سميت ٻين سماجي حلقن استادن توڙي شاگردن شرڪت ڪئي.