عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن جي گڏجاڻي، نئين ضلعي باڊي جوڙي ڪئي

حاجي لال محمد سومرو کي ضلعي صدر، عيدل سومرو کي سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو

عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن جي گڏجاڻي، نئين ضلعي باڊي جوڙي ڪئي

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن (آپسا) جي سيد ريسٽورنٽ عمرڪوٽ ۾ سومرا برادري جي گڏجاڻي ٿي گذري, جنهن ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي سومرا برادري جي معززين پاران شرڪت ڪري ضلعي عمرڪوٽ ضلعي جي باڊي جوڙي وئي.ضلعي صدر حاجي لال محمد سومرو، سينيئر نائب صدر عيدل سومرو، وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر حنيف سومرو، جنرل سيڪريٽري انجنيئر قربان علي سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري جاويد ربڏنو سومرو، خزانچي جاويد علي شير سومرو، انفارميشن سيڪريٽري صحافي الهجڙيو سومرو، آفيس سيڪريٽري عباس علي سومرو، آپسا جي ميٽنگ ۾ مٿي ڄاڻايل باڊي چونڊي وئي, چونڊجي آيل باڊي وچن ورجائيندي چيو ته اها تنظيم بنا سياسي ۽ بنا مت ڀيد جي ضلعي ۾ رهندڙ سومرا برادري جي جاني توڙي مالي خدمت ۾ هميشه اولين صف ۾ نظر ايندي,تعليم ,صحت ,سميت سومرا برادري جا جيڪي به جائز مسئلا هوندا اهي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪبي اهو وچن ورجائيندي برداري جي معززين نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي,آخر ۾ گڏجاڻي ڪوٺائيندڙ محمد حنيف سومرو پروفيسر ممتاز سومرو پاران آيل سڀني معززين جو شڪريو ادا ڪيو ويو,