English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ هائوسنگ فار فلڊ افڪيٽيز ( ايس پي ايڇ ايف ) COP29 ۾ هڪ عالمي مثال طور اڀريو: سيد مراد علي شاهه
views
|
17th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سيد مراد علي شاهه چيو ته ايس پي ايڇ ايف موسمياتي تبديلي موجب متاٿر ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير لاءِ پنهنجو انقلابي نقطه نظريو پيش ڪيو.
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باڪو ۾ منعقد ڪيل COP29 پنهنجي اهم خطاب ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز ( ايس پي ايڇ ايف ) پروگرام جي شاندار ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ موسمياتي تبديلين سان نمٽڻ لاءِ متاثر ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ عالمي ماڊل طور پيش ڪيو. 154 ملڪن جي آبادي کان وڏي انساني هائوسنگ پروگرام اڄ COP29 ۾ عالمي توجہ حاصل ڪئي. پاڪستان پويلين ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام جي حوالي سان گلوبل ريزيلنس COP29 ۾ منعقد ڪيل هڪ تاريخي خطاب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ايس پي ايڇ ايف موسمياتي تبديلي موجب متاٿر ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير لاءِ پنهنجو انقلابي نقطه نظريو پيش ڪيو. پاڪستان پولين ۾ ” ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ: عالمي لچڪ لاءِ هڪ خاڪو“ جي عنوان سان هڪ تاريخي پينل بحث ۾ بين الاقوامي ترقياتي رهنمائن ان ڳالهه جو جائزو ورتو ته ڪهڙي ريت سنڌ حڪومت جي هن قدم آفت کانپوءِ بحالي ۽ ڪميونٽي جي نئين سر تعمير جي پيراميٽرز کي نئين سري سان بيان ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر ٿيل ماڻهن جي موسمي حالتن جي چيلينجز مطابق رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سيد مراد علي شاهه COP29 ۾ ڪيترن ئي هدفن تي روشني وڌي. هن وقت 2.1 ملين کان وڌيڪ گهر ٺاهيا پيا وڃن ۽ هن منصوبي جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ 10 لکن کان وڌيڪ بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن جنهن سان ٻوڏ متاثرن ٿيل خاندانن کي 8 لک 10 هزار روپين جي امداد جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، صرف سنڌ صوبي ۾ ئي آب و هوا سان نمٽڻ لاءِ 3 لک گهر تعمير ڪيا ويا آهن. ايندڙ مرحلي ۾ پاڻي ۽ حفظان صحت ( ڊبليو اي ايس ايڃ) جي سهولتن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، هن وقت 60,000 آبادين تي ڪم جاري آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي خدمتن جو اعتراف ڪندي ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺ جو نالو هن جي نالي تي رکيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير عالمي برادريءَ جي اڻ کٽ حمايت تي سندن شڪريو ادا ڪيو. COP29 تي هڪ اعليٰ سطحي پينل بحث جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ خالد محمود شيخ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايس پي ايڇ ايف، محترمه زيائو هونگ يانگ، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشيا محڪمه ايشيائي ترقياتي بينڪ، ڊاڪٽر عيسيٰ فائي، ڊائريڪٽر جنرل گلوبل پريڪٽسز اينڊ پارٽنرشپس، اسلامي ترقياتي بينڪ، ڊاڪٽر ويلري هڪي، گلوبل ڊائريڪٽر فار انوائرمينٽ، ورلڊ بئنڪ شامل هئا. بحث ۾ هن منصوبي تي عملدرآمد ۾ شفافيت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت آگاهي ڏني وئي، جنهن تي بحث ۾ شرڪت ڪندڙن منصوبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي واقعي هڪ شاندار منصوبو آهي ۽ ساراهه جوڳو آهي. ٽيڪنالاجي، ڪميونٽي جي شموليت ۽ پائيدار طريقن کي مضبوط ڪري ايس پي ايڇ ايف آفت زده علائقن جي بحالي جي ڪوششن لاءِ هڪ عالمي معيار قائم ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ هائوسنگ فار فلڊ افڪيٽيز
ايس پي ايڇ ايف
COP29
سنڌ جي وڏي وزير سيد
0 تبصرے