English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻارن جي روشن مستقبل ۽ تحفظ جي حوالي سان سنڌ حڪومت پر عزم آهي: سيده رخسانه شاهه
views
|
24th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
معاشري ۾ ھر طرف معصوم ٻار تشدد ، زيادتي ۽ حراسمنٽ جو شڪار ٿين ٿا: ايم پي اي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سوشل ويلفيئر کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم پي اي سيده رخسانه شاهه چيو آهي ته ٻارن جي روشن مستقبل ۽ تحفظ جي حوالي سان سنڌ حڪومت پر عزم آهي - ھن چيو آهي ته معاشري ۾ ھر طرف معصوم ٻار تشدد ، زيادتي ۽ حراسمنٽ جو شڪار ٿين ٿا ، جنھن جي پيش نظر سوشل ويلفيئر کاتي پاران چائلڊ پروٽيڪشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي - اھڙن خيالن جو اظهار ھن عوام جي آگاهي لاءِ جاري ڪيل پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ ڪيو آهي -پارلياماني سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ايم پي اي سيده رخسانه شاهه بخاري عوام الناس تي زور ڏنو آهي ته تعليمي ادارن سميت ڪنهن به جڳھ تي ٻارن تي ظلم ،تشدد ،زيادتي ۽ حراسمنٽ ٿيندي ڏسن ته ھو فوري طور تي سند چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چوويھ ڪلاڪ فعال رھندڙ ھيلپ لائن نمبر 1121 تي رابطو ڪن ته جيئن مظلوم ٻارن جون زندگيون محفوظ بڻائي سگهجن - ھن چيو آهي ته ان ڏس ۾ سول سوسائٽي جا نمائندا پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ٻارڙن جي حقوق جي حفاظت ۽ انهن جو آواز بڻجڻ لاءِ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جو ساٿ ڏين ته جيئن ٻارڙن جي حقوق جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ملوث عنصرن کي پڻ ڪڙي سزا ڏياري سگهجي –
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايم پي اي
سيده رخسانه شاهه
سوشل ويلفيئر کاتي
0 تبصرے