English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياء بچائڻو آھي تہ مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي: اياز لطيف پليجو
views
|
24th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو محمد خان شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جلسو
ٽنڊو محمد خان: سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽنڊو محمد خان شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ جو درياھ بچايو سنڌ بچايو جلسه عام ٿيو، جنھن ۾ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. ٽنڊو محمد خان پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ ڪارڪنن اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. جلسي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي درياھ بچايو سنڌ بچايو جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو تہ ڪينالن خلاف ھيءَ عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجھد ناھي، سنڌو درياء بچائڻو آھي تہ مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھر سياسي، سماجي ۽ پروفيشنل تنظيم کي ھڪ ھڪ ضلعي، ھڪ ھڪ شھر ۽ ھڪ ھڪ ڳوٺ کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ لاھڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ويران ٿي ويندي سنڌ جا ماڻهو صوماليا جي ماڻهن کان بہ برتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو چولستان ڪئنال سميت ڪو بہ منصوبو قبول ناھي. آصف علي زرداري، نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ارسا ۽ واپڊا ھميشہ سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھ کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا جنهن جي نتيجي ۾سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي تاريخ، سڃاڻپ، ثقافت ۽ قدرت طرفان ڏنل تعفو ۽ ست ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي، سنڌو درياءَ تي ڪنھن بہ قسم جي سازش پاڪستان جي 27 ڪروڙ عوام خلاف سازش آھي،سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال قبول نہ ڪيو ويندي. پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال سنڌ جي مٿان خوني حملو آھي. جيڪو ڪم ضيا ۽ مشرف نہ ڪري سگھيا اھو ڪم آصف زرداري ڪري رھيو آھن. ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ جي وحدت، درياھ ۽ وسيلا داء تي لڳايا ويا آھن. حڪمران سنڌ کي ديوار سان لڳائي ملڪ جون پاڙون اکيڙي رھيا آھن. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ لاءِ سجاڱ ٿي رھيا آھن، ھي شروعات آھي. حڪمران ٻڌي ڇڏين تہ سنڌ دشمن منصوبا رد نہ ٿيا تہ ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين ھر ڪلوميٽر تي مزاحمت ۽ مقابلو ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پارٽي اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي تھذيب، تاريخ ۽ سنڌو درياءَ تي حملي آور آھي. سنڌو درياھ سان 7 ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙو، ڪو بہ ڪئنال ۽ ڪو بہ ڊيم يا ٻيو منصوبو برداشت نہ ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن. لکين خاندان پکي، جانور پاڻي لاء تڙپي رھيا آھن. آباد زمينون بنجر ۽ بيابان ٿي ويون آھن. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تنگ نظر ۽ تعصب ڪندڙ آھن. چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي واري سنڌ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ تڙپي رھي آھي. سنڌ جي اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڪيئن ڏني آھي. ورلڊ بينڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته چولستان، گريٽر ٿل ڪئنال سميت سنڌ دشمن منصوبن لاءِ فنڊنگ بند ڪئي وڃي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي بنيادي انساني حق آھن. پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق ڇو آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چشمه ۽ تونسا ڪئنال کي مستقل وھائڻ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آھي. 30 سال کان 1991 ايڪٽ تحت سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن. سي سي آء، واپڊا، پلاننگ ڪميشن ۽ نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندگي نہ ھجڻ برابر آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب، وزيراعظم صاحب ٻڌو وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم تي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نہ ٿي وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. وفاق چيو ھو تہ چشمه، تونسا ڪئنال وغيره ٻوڏ جا واھ آھن پر اھي ڪئنال مستقل وھايا پيا وڃن. سي سي آء ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ملڪ جي معيشت جو نالو مرڪز آھي، سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ڪالاباغ ڊیم، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن جیترائي سنڌ دشمن ۽ خطرناڪ آهن. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي. وفاقي حڪومت ۽ آصف زرداري سنڌ کي ديوار سان نہ لڳائين ۽ سنڌ دشمن سازشون بند ڪن. سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌي پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون.اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ جي بقا لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ سنڌ جي حق لا۽ جدوجھد کي ترجيح ڏني آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ٽولو 16 سالن کان سنڌ تي قابض ٿي سنڌ جي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري زرعي معيشت تباھ ٿي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ ۾ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن بہ وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي باھ ۾ اڇلايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن.سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي. شھباز شريف ۽ آصف زرداري سنڌ جي دل ڪڍي رھيا آھن. دل کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ ڪروڙين انسان آھستي آھستي اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. ڪئنالن جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ پ پ حڪمران سنڌي ماڻھن کي بيوقوف بنائي رھيا آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو انسان دشمن منصوبو جوڙيو ويو آھي. پنجاب سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وفاق ڀڌائي تہ توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي. پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. پورھيتن جا ٻار اعلي تعليم ۽ نوڪرين کان محروم آھن. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف رند خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور جمھوريت، اٽي،اجهي، لٽي ۽ سنڌي عوام جي حقن جا خوبصورت نعرا ھڻندا آهن پر اقتدار ملڻ کانپوءِ سنڌ وسري ويندي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو آھي.سنڌ کي وڌيڪ تڪليفون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جي وڏيرا شاھي، جاگيردارن ۽ سنڌ دشمنن جي پارٽي آهي پيپلزپارٽي جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري سنڌ کي تباھ ۽برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ھوندي بہ سنڌي ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ھاشم ڪنڀار خطاب ڪندي چيو تہ ڪوئلو ڪڍڻ وقت چيو ويو تہ ٿر بدلي کان پاڪستان پر ھاڻ ٿر جي بجلي مان پن200 يونٽ فري ڏني وڃي ٿي پر ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ونود ڪمار خطاب ڪندي چيو تہ زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا بہ پرواھ نہ آھي سنڌي عوام تي تڪليفون اچڻ سان ڄڻ زرداري ۽ سندس ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کليو وڃي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪابہ دلچسپي، محبت ڪونهي ھي دلال ۽ سوداگر آھن ھن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي وڪڻي چوٿون ڀيرو اقتدار حاصل ڪيو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حنيف باگراڻي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو شاھوڪار سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاھين ٿا. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياءَ، ڪارونجهر، ٻيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف رند خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور جمھوريت، اٽي،اجهي، لٽي ۽ سنڌي عوام جي حقن جا خوبصورت نعرا ھڻندا آهن پر اقتدار ملڻ کانپوءِ سنڌ وسري ويندي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ڪيو آھي.سنڌ کي وڌيڪ تڪليفون ڏنيون آهن. پيپلز پارٽي جي وڏيرا شاھي، جاگيردارن ۽ سنڌ دشمنن جي پارٽي آهي پيپلزپارٽي جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري سنڌ کي تباھ ۽برباد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ھوندي بہ سنڌي ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ آمنہ ڪنڀار خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي عورتن کي پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ نياڻين سان گڏجي پنھنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪرڻ سنڌ تي قاتل حملو آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي دادلي درياھ لاءِ رستن تي اچي رھيا آھن. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن نہ تہ انھن جا رستا بند ٿي ويندا. ملڪ جي صدر کي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪو بہ اختيار ناھي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشنا پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن کي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي. سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي. ھاري تحريڪ جي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري چيو ته سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رڳو آبادگارن جو ناھي، ھي ھر شھري جو مسئلو آھي، سنڌ کي جيڪو ٿورو گھڻو پاڻي ملي ٿو اھو بہ بند ٿي ويندو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس سيڪريٽري شوڪت سريوال خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڌاڙيل واھ ٺھي ويا ته سنڌ کنڊر ٿي ويندي. سنڌ ۾ زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي نہ تباھي آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بدحال ٿي وئي آهي جلسه عام کي نصرت خاصخيلي ،ابراھيم بگٽي، زاھد گل اوٺو، نذير بليدي، سانول گوپانگ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياء
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے