محمود عالم ڄاموٽ پاران مهاڻن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لا۽ گڏيل ڪوششون ڪرڻ ۽ فشر فوڪ فورم سان مڪمل تعاون جي خاطري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين مصطفي ميراڻي ، ابراهيم حيدري پهچي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ سٽي ايريا جي صدر جان عالم ڄاموٽ سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته ماھي گيرن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لا۽ گڏيل ڪوششون ڪرڻ ۽ فشر فوڪ فورم سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو عزم ڪيو ٿا ، انھن وڌيڪ چيو ته اسان فشر فوڪ فورم جي موجوده قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، ماھي گيرن جي سماجي تحريڪ سان گڏ رھنداسين. انھي موقعي تي مرڪزي انفارميشن سڪريٽري ايوب شان خاصخيلي , ڪراچي ڊويزن جي صدر مجيد موٽاڻي ۽ ڪراچي فشرفوڪ فورم جو جنرل سيڪريٽري طالب ڪڇي به موجود ھئا
0 تبصرے