English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي علائقي بهادرآباد ۾ نجي ٽي وي آفيس ٻاهران فائرنگ، هڪ صحافي زخمي
72 views
|
19th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ صحافي نديم احمد سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ هٿياربندن نجي ٽي وي آفيس جي ٻاهران فائرنگ ڪري صحافي نديم احمد کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي صحافي کي نجي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب نديم احمد آفيس ٻاهران موجود هو، ابتدائي جاچ موجب ويگو ۾ سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، نديم احمد کي ڄنگھ ۾ گولي لڳي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي صحافين جو وڏو تعداد اسپتال پهچي ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي پوليس کي حڪم ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائي کين فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، صحافي تي حملو افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی بدامنی کی لپیٹ میں، شہر سب سے زیادہ غیر محفوظ ہو چکا ہے: امیرِ جماعتِ اسلامی
31st Jan 2026
•
دنیا
ایران کے شہر بندر عباس میں زوردار دھماکا، آٹھ منزلہ عمارت کے دو فلور زمین بوس
31st Jan 2026
•
شوبز
خاقان شاہنواز اور سبینہ سید رشتۂ ازدواج میں منسلک، نکاح کی تصاویر وائرل
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں دہشتگردی کو کاری ضرب، سیکیورٹی فورسز کا فیصلہ کن ردِعمل، 108 دہشتگرد ہلاک، 10 جوان شہید

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار
ڪراچي
صحافي نديم احمد
علائقي بهادرآباد
0 تبصرے