18نومبر تي آخري زباني ٽيسٽ ڏيئي ملازمت جا آفر آرڊر ملڻا هئا، 8 مهينن کان مختلف مرحلن مان گذريا آهيون: اميدوار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) صحت کاتي ۾ ٻين ضلعن سميت ملير جي نوجوانن جا امتحاني ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود اوچتو ضلع ملير جو ذڪر غلطي قرار ڏيئي سموريون پوسٽون ختم ڪري ڇڏيون، اميدوارن جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس، احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان، 18 نومبر تي آخري زباني ٽيسٽ ڏيئي ملازمت جا آفر آرڊر ملڻا هئا، 8 مهينن کان مختلف مرحلن مان گذري آفر ليٽر تائين پهتاسين ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ ملير جي 18 اميدوارن کي ليٽر ڏيئي پوسٽون ۽ ملير ضلع جو نالو غلطي سان شامل ٿيڻ جو چئي واپس ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت ۽ صحت واري وزير کاتي جي آفيسرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي پاس ٿيل اميدوارن کي آرڊر جاري ڪري، محمد فاضل قيصراڻي ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : صحت کاتي ۾ ويڪسينيٽر جي پوسٽن لاءِ امتحان ۾ ڪاميابي باوجود ملير جي 18 نوجوانن کي آفر ليٽر نه ملڻ خلاف اميدوارن فاضل قيصراڻي، شمس الدين، نصيب الله، آمين قيصراڻي، مجاهد حسين ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي تمام ڪاغذي دستاويز ڏيکاريندي انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ۾ ملير ضلعي سميت مختلف ضلعن لاءِ ايس ٽي ايس جي ويب سائيٽ تي اشتهار جاري ڪندي ملير ضلعي لاءِ 50 ملازمتن لاءِ درخواستون گهريون ويون درخواستون جمع ڪرائڻ کانپوءِ ان ئي ويب سائيٽ تي ٽيسٽ لاءِ سلپ به جاري ڪئي وئي ۽ مختلف اخبارن ۾ اشتهار به جاري ڪيا ويا جنهن ۾ ملير ضلعي جو نالو به شامل آهي هنن چيو ته 30 جون تي ٻين ضلعن سميت ملير جي 50 اميدوارن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتو ويو جنهن جو نتيجو 25 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ 18 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هنن چيو ته ملير ضلع جا ڪامياب اميدوار جڏهن 18 نومبر تي زباني امتحان ڏيڻ ۽ ملازمتن جو آفر آرڊر وٺڻ پهتا ته انتظاميا هنن کي اِهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته اشتهار ۾ ضلع ملير جو ذڪر غلطي سان ٿي ويو آهي هاڻي پوسٽون ڪينسل ڪري ختم ڪيون ويون آهن اهڙي اطلاع کانپوءِ ڪامياب اميدوارن جي پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي ۽ اسان احتجاج ڪندي 8 مهينن جو تمام رڪارڊ انتظاميا کي ڏيکاريو پر اسان جي هڪ به نه ٻُڌي وئي اميدوارن پريس ڪانفرنس دوران خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته هڪ منصوبي تحت ملير ضلع ۽ ان جي ملازمتن کي خارج ڪيو ويو آهي ۽ ساڳيون ئي نوڪريون وڪرو ڪيون وينديون هنن چيو ته هيءُ عمل انساني حقن، ميرٽ ۽ ملير جي نوجوانن سان زيادتي آهي هنن سنڌ حڪومت، صحت واري صوبائي وزير ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته صحت کاتي ۾ شديد بدنظمي جو نوٽيس وٺي ملير جي 18 ڪامياب اميدوارن کي ملازمتن جا آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ تمام اميدوارن طرفان نه صرف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي پر عدالت جو در پڻ کڙڪايو ويندو.
0 تبصرے