ڇڪتاڻ دوران علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، مزاحمت ڪرڻ تي 10 کا وڌيڪ ڳوٺاڻا گرفتار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني لڳ رند ڳوٺ تي قبضن خلاف پوليس اٽالن، اينٽي انڪروچمنٽ فورس، روينيو جي عملدارن جي چڙھائي، مينهن جا واڙا، ديوارون، ۽ ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ، رهواسين جي مزاحمت. پوليس جو لاٺي چارج 10ڄڻا گرفتار، قبضن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون ڪنهن کي به سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين اينٽي انڪروچمنٽ عملدار اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي زمينن تي پوليس ۽ روينيو کاتي وارا زبردستي قبضه ڪرائي رهيا آهن رهواسي تفصيل موجب سڪڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني جي علائقي ليبر اسڪوائر لڳ رند ڳوٺ تي قبضن خلاف پوليس جي اٽالن اينٽي انڪروچمنٽ ۽ روينيو عملدارن چڙھائي ڪري ڏني اطلاع تي وڏي تعداد ۾ علائقي واسي گهرن کان ٻاھر نڪري آيا ۽ انتظاميا سان مزاحمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾َعلائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو انھي دوران انتظاميا مينهن جا واڙا ديوارون، ۽ ڪيترائي گهر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا مزاحمت ڪرڻ تي 10ڄڻن کي گرفتار ڪري سڪڻ ٿاڻي پهچايو ويو ملير انتظاميا مختيار ڪار ابراهيم حيدري حمدالله رند ۽ اينٽي انڪروچمنٽ جي عملدارن جو چوڻ هو ته قبضن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون ڪنهن کي به سرڪار زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي اسان جي زمينن تي پوليس ۽ روينيو کاتي وارا زبردستي قبضا ڪرائي رهيا آھن
0 تبصرے