ٺٽو(ڊ ر)ڪجھ ڏينھن اڳ نوجوان ناري سسئي ڊولو جي خودڪشي جو ڪارڻ سامھون اچي ويو ڊي ايس پي ساڪرو واجد ٿھيم انڪوائري رپورٽ ۾ سنا برادري جي ھڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي ڏوهي قرار ڏيندي ايس ايس پي ٺٽو کي رپورٽ پيش ڪئي ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي خودڪشي ڪندڙ ناريءَ سسئي ڊولو جي والد غلام حسين ڊولو جي فرياد تي ساڪرو ٿاڻي تي ھڪ عورت شاھدہ سنو يارو سنو گلو سنو سميت ڇھن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنھن کان پوءِ غلام الله پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا آهن
0 تبصرے