English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ 30 کان وڌيڪ آرا مشينن جي مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي عملي خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو
views
|
11th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
آرا مشين مالڪن مشينن جي تالابندي ڪري جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر ۾ هلندڙ 30 کان وڌيڪَ ڪاٺين جا آرا، مشينن مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي ناانصافين خلاف آرا ميشن بند ڪري جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، انصاف جو مطالبو تفصيل موجب عمرڪوٽ ۾ آرا مشينن مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي ناانصافين خلاف جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعاريبازي ڪئي،ان کان پوءِ ڊي سي آفيس جي مک گيٺ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اسان سان انصاف ڪيو وڃي آرا مشينن ايسوسيشن جي ضلعي صدر علي کاڙت، عمران، اشوڪ ،ڪيلاش مالھي، اشوڪ ڪمار مالھي، ونود ڪمار، علي گل ٻٻر، صوبدار چانهيون، ڍولو ڀيل، شنڪر جٽيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري احتجاجن طور پنهنجا آرا مشينون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ھنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ ٻيلي کاتي پاران جنهن وڻن جي واڍي جي سختي سان منع ڪيل آهي اسان انھن وڻن جي ڪاٺي خريد نٿا ڪريون پوءِ بہ بنا جواز نوٽيس ڏئي هيسائي تنگ ڪيو پيو وڃي، اسان زميندارن کان سُڪل وڻ وٺون ٿا ۽ ان مان ڪاٺيون ڪڍي وڪرو ڪيون ٿا ان جي باوجود ٻيلي کاتي جا عملدار آرا ميشنن تي اچي ڏنڊ هڻي تنگ پيا ڪن، ھنن چيو تہ شهر جون سموريون آرا ميشنون ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ناانصافين خلاف احتجاجن بند ڪيون آهن جيستائين اسان جا جائز مطالبا حل نٿا ڪيا وڃن تيستائين آرا مشينن بند رهنديون،ان موقعي تي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ۾ فوتڳي ٿيندي آهي ته اسين ان جي اڳني سنسار ڪرڻ لاءِ به ڪاٺـيون استعمال ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته عمرڪوٽ شهر جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ گئس جي سهولت نه هجڻ ۽ 30 کان وڌيڪ آرا مشينن جي بند ٿيڻ سبب شهرين، مٺائين جي دڪانن، هوٽلن، سميت گهرو رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو ضعلي انتظاميا کي فورن نوٽس وٺي آرا مشينن مالڪن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن جئين شھرين کي ڪاٺي جي حوالي سان ڪا تڪليف نه ٿئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
آرا مشينن
0 تبصرے