پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ميٽنگ مرڪزي آفيس موٽاڻي هائوس ۾ ٿي گذري

مرڪزي سينئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد موٽاڻي ۽ ٻيا شريڪ

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ميٽنگ مرڪزي آفيس موٽاڻي هائوس ۾ ٿي گذري

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي ڊويزن جي ميٽنگ فشر فوڪ فورم مرڪزي آفيس موٽاڻي هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ 21 نومبر تي مهاڻن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم مرڪزي سينئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد موٽاڻي ، جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، ڪراچي ڊويزن صدر مجيد موٽاڻي، طالب ڪڇي، لطيف ڊوڙائي، ايوب شان خاصخيلي، مشتاق بابو، اعجاز علي ميربحر، جميل احمد خاصخيلي، گل بانو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري تنظيم سازي حوالي سان فيصلا ڪيائون، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ماھيگيرن جو عالمي ڏينهن ھر سال جيان هن ڀيري به ڀرپور نموني سان ابراهيم حيدري جي مل واري جيٽي تي ملهايو ويندو، جنهن سياسي سماجي اڳواڻ تقريرون ڪندا، ۽ ماھيگيرن ڪلچر شوز، ٽيبلوز، فشر فوڪ فورم جدوجهد جي حوالي سان گيت، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي، ۽ عورتن جي روزگار جا اسٽائل شامل ھوندا، اڳواڻن چيو 21 نومبر تي ماھيگيرن جو عالمي ڏھاڙو سڄي دنيا ملايو ويندو آھي، ۽ ھن سال پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران پروگرام عالمي سطح مثال قائم ڪندو، ملڪ جي نوجوانن ھيروز جي ھمٿ افزائي ڪئي ويندي، جنهن ۾ فشريز پاليسي، ۽ فشرميز ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو