ملير: رزاق آباد ۾ شهيد بختاور ويم گهر گهر جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو، اختر عرفارڻي ۽ ٻين ويم گهر جي پيڙهه جو پٿر رکيو

ملير: رزاق آباد ۾ شهيد بختاور ويم گهر گهر جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پ پ ايم پي اي، ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين ۽ ٻين رزاق آباد ۾ شهيد بختاور ويم گهر جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن جو عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو، پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪري رهي آهي جنهن جو سڀ کان وڏو مثال عورتن جي طبي مسئلن جي حل لاءِ شهيد بختاور ويم گهر جو بنياد وڌو ويو آهي، راجا رزاق جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : پ پ ملير جي صدر ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو، پارليماني ليڊر اختر عارفاڻي، يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد پنهور، وائيس چيئرمين حاجي منظور عارفاڻي ۽ ٻين رزاق آباد ۾ شهيد بختاور ويم گهر جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو جنهن بعد اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير پهچي صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪري رهي آهي جنهن جو سڀ کان وڏو مثال عورتن جي طبي مسئلن جي حل لاءِ شهيد بختاور ويم گهر جو بنياد وڌو ويو آهي ٽائون چيئرمين نذير ڀٽو چيو ته پارٽي جي هدايت تي ٽائون جي بجٽ کي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ لڳايا پيا وڃن اسان جا دروازا ماڻهن لاءِ هميشا کليل آهن نئي جڙيل ٽائون ابراهيم حيدري ۾ اهڙا علائقا شامل آهن جتي ملڪ جي 75 هين سالن جي تاريخ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن پر هاڻي ابراهيم حيدري ٽائون تمام مالي مشڪلاتن باوجود ان محروم علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ پنهنجو فرض سمجهو ٿو هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيغام تي عمل پيا ڪريون ته ماڻهن کي انهن جي گهر جي در تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن پارلياماني ليڊر اختر يوسف عارفاڻي چيو ته يوسف عارفاڻي ڳوٺ سميت ٽائون ابراهيم حيدري ۾ قومي شاهراهه لڳ سمورن ڳوٺن ۾ مسئلن جي سروي ڪئي پئي وڃي ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن ۽ ڪوشش ڪبي ته ٽائون جي دور ۾ سمورا بنيادي مسئلا حل ڪريون ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، ٽائون ميمبر هاشم لاشاري، صلاح الدين عارفاڻي، غني گبول، اجمل ڪلمتي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.