جاتي جي مختلف ڳوٺن ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي جي مان ۾ آجياڻا

شيرازي ڀائرن جو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي ۔اسان عوامي خدمت جو جذبو رکون ٿا: اياز علي شاهه شيرازي

جاتي جي مختلف ڳوٺن ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي جي مان ۾ آجياڻا

جاتي (صاحبڏنو ٿهيم)شيرازي برادران جو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي ۔اسان عوامي خدمت جو جذبو رکون ٿا ۔ساحلي علائقي سان گڌ ضلعي سجاول ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا اهڙن خيالن جو اظهار پ۔پ۔پ ايم اين اي سيد اياز علي شاه شيرازي جاتي جي ساحلي ڳوٺن موسي ا ٻهريو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ آجياڻي کي خطاب ڪنو۔کيس ساحلي ڳوٺ موسي ٻھريو ۾ نواز ٻھريو جي اڳواڻي ۾ گاڌين جي وڌي قافلي ڱيس ڳوٺ موسي ا ٻهريو آندوويو ۽شاندار آجياڻو ڏنو ويو آجياڻي پراگرام ۾ ٻھريا ٿھيمور راڄا ملاح ۽ ٿھيم برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جتي کيس سوين اجرڪون ۽ لونگيون اوڍايون ويون هن پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ت آئون ھتان جي ٻھريا برادري سميت ٻين برادرين جو ٿورائتو آھيان جن مون کي ھيڏو وڏو مان ڏنو آھي ھن چيو ت ساحلي پٽي تي آيل طوفانن شديد برساتن ۽ ٻوڏن دوران شيرازي ھميشا ھر ڌکي سکي ويل غريب عوام سان گڏ رھي سندن حقيقي واھرو بنجي سندن درن جو درمان ڪيو آھي ھن چيو ت شيرازين جو جيئڻ مرڻ غريب عوام سان آھي ھن چيو ت ڪھڙا ب حربا استعمال ڪري شيرازين کي عوام کي جدا ڪري نٿو سگھجي جنھن بعد ساحلي پٽي جي نالي واري سماجي ورڪر ۽ ساحلي وسيع پٽي تي ايندڙ قدرتي تباھين ۽ ساحلي ماھيگيرن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لا۽ سگھارو آواز بنجدڙ ڳچ عرصي کان بيمار رھندڙ عاجز علي محمد ٿھيم سان ساحلي ڳوٺ ڪلڪان ڇاڻي پھچي عيادت ڪئي ۽ بيماري متعلق تفصيل ورتا ۽ پنھنجي خرچ تي سندس ڪراچي جي سٺي اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي صوفي شعيب اللا اڪبر جھوڪ شريف شيرازي گروپ جا اڳواڻ ارباب علي حسن ھنڱورجو وڌيرو محمد بخش سيال وڏيرو ايوب ٿھيم وڏيرو اڪبر باکو طيب محمد چالڪو صالح ٿھيمور ۽ ٻيا گڏ ھئا