صالح محمد ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ فيڪٽرين جي هجڻ باوجود هتان جا ماڻهو بي روزگاري جي زندگي گذاري رهيا آهن: ليلا بلوچ/صبا بلوچ
ملير (درياخان شر) صالح محمد ڳوٺ جي رهواسين نوڪرين ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ منشيات جي خاتمي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ مرحلي وار جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو عوامي پريس ڪلب ملير ميمڻ ڳوٺ ۾پريس ڪانفرنس ڪندي علائقي جي سماجي اڳواڻن ليلاء بلوچ صبا بلوچ ماجده ،نور صبا، فضا، نذيران، علي نواز، رشيد فرحان بلوچ ۽ ٻين چيو ته صالح محمد ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ فيڪٽرين جي هجڻ باوجود هتان جا ماڻهو بي روزگاري جي زندگي گذاري رهيا آهن روزگار نه ملڻ سبب ڪيترائي نوجوان ذهني دٻاءُ سبب منشيات جا عادي بڻجي سماجي برائين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن جڏهن ته فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهن سبب ماحولياتي آلودگي تيزي سان پکڙجي رهي آهي هر گهر ۾ معصوم ٻارڙا توڙي بزرگ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، نجي ڪمپنيون سنڌ حڪومت جي اعلانيل اجرت ڏيڻ بدران فقط 25 هزار روپيا اجرت ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ميڊيڪل الائونس توڙي ٻيون سهولتون به فراهم نٿيون ڪيون وڃن، ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ دوران ساهہ جي بيماري سميت ٻين مرضن ۾ مبتلا ٿيندڙ پورهيت به علاج جي سهولتن کان محروم آهن ٺيڪيداري نظام سبب هتان جا رهواسي پنهنجي حقن کان محروم ٿي رهيا آهن اسان جي جدوجهد جو مرڪز فقط صالح محمد ڳوٺ نه آهي اسان جي تحريڪ ۾ ڪوهي ڳوٺ ڄام ڪنڊو سميت ملير جي ٻهراڙين جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن ليلاء بلوچ وڌيڪ چيو ته بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي مجبور سمورا علائقي واسي ٻاهر نڪتا آهيون پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون مون سان گڏ مظلوم مائرون ڀينرون به جدوجهد جو حصو آهن جن جا اولاد توڙي ڀائر ۽ ٻيا گهر ڀاتي نا انصافين جو شڪار ٿي رهيا آهن اسان پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ عملي طور ميدان تي موجود آهيون، مسلسل نا انصافيون ٿي رهيون آهن، روزگار توڙي بنيادي سهولتون اسان جو بنيادي حق آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا سرڪاري نوڪريون ڏيڻ کان جواب ڏين ٿا پر علائقي ۾ موجود ڪمپنين توڙي فيڪٽرين ۾ نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جيڪو وڏو الميو آهي ڳوٺاڻن گهر ڪندي چيو آهي ته انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا نوٽيس وٺي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ڳوٺاڻن سان گڏ بيهن بي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0 تبصرے