هٿ جي هنر سان تيار ڪيل ناياب شين جو قدر ڪرڻ گھرجي:سعيد سربازي

صنعتي دور ۾ هٿ جي هنر جي بي قدري وڌي وئي آهي ان کي اسان گڏجي بچائي سگهون ٿا:صدر ڪراچي پريس ڪلب

هٿ جي هنر سان تيار ڪيل ناياب شين جو قدر ڪرڻ گھرجي:سعيد سربازي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي کي ٿر جي هٿ جي هنر تي ڪم ڪندڙ غيور احمد سنگراسي هٿ جي هنر ڀرت سان ٺاهيل ڪراچي پريس ڪلب جو لوگو پيش ڪيو، ان موقعي تي نور محمد ڪلهوڙو به موجود هو، جڏهن ته ڳالهائيندي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته گهريلو صنعت ڀرت، هٿ جي هنر سان تيار ڪيل شيون ناياب آهن انهن جي فني پورهئي جو قدر ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، صنعتي دور ۾ هٿ جي هنر جي بي قدري وڌي وئي آهي ان کي اسان گڏجي بچائي سگهون ٿا، ٿر ڪارپيٽ ۽ هينڊي ڪرافٽ جي ڪو سي اي او غيور احمد سنگراسي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب تاريخي آهي جنهن جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ جدوجهد ڪئي آهي. ٿر ۾ عورتن جي هٿ جي هنر کي مارڪيٽ پر عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ڏيارڻ لاء ڪم ڪري رهيا آهيون.