قبضا ختم ڪرائڻ جي ڪارروائي لاءِ پهتاسين ته بلڊر جي هٿياربندن ڪيترائي ڪلاڪ يرغمال بڻائي تشدد ڪيو: ڪفايت الله جتوئي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم جي علائقي شاھ ٽائون ۾ گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽيڪسيشن کاتي جو سپريڊيننٽ ڪفايت الله جتوئي، عملي سميت يرغمال، مبينا تشدد پوليس پهچي ڇڏايو، قبضا ختم ڪرائڻ جي ڪارروائي لاءِ پهتاسين ته بلڊر جي هٿياربندن يرغمال ڪري ڪيترائي ڪلاڪ پنهنجي آفيس ۾ يرغمال ڪري تشدد ڪيو ما ڏنيون ٽائون آفيسر ڪفايت الله جتوئي تفصيل موجب بن قاسم جي علائقي شاھ ٽائون ۾ گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽيڪسيشن کاتي جو سپريڊيننٽ ڪفايت الله جتوئي قبضا ڇڏائڻ پهتو ته بلڊر جي ملازمن کيس عملي سميت يرغمال مبينا طور تشددجونسانو بڻايو اطلاع تي پوليس پهچي کين ڇڏايو ان سلسلي م افيسرڪفايت الله جتوئي ٻڌايو ته قبضا ختم ڪرائڻ جي ڪارروائي چئن ملازمن سان گڏ پهتس ته بلڊر جي هٿياربندن يرغمال ڪري ڪيترائي ڪلاڪ پنهنجي آفيس ۾ يرغمال ڪري تشدد ڪيو هن چيو ٿهايس ايڇ او کي ڪال ڪئي پر پوليس به مدد لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهتي سرڪاري آفيسر غير محفوظ بڻجي ويا آهيون جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ٽائون آفيسر ڪيس داخل ڪرائيندا ته ڪارروائي ڪنداسين قانون ڪنهن کي هٿ م کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون پوليس پهتي هئي ٽائون آفيسر اڃان ڪيس داخل ناهي ڪرايو
0 تبصرے