چولستان رٿا سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، سنڌ ۾ انڊس بيسن تي ڇھ ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا فني طور ناممڪن آهي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي نائب صدر مسعود وساڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال قبول ناهي. هن چيو ته چولستان رٿا سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي. سنڌ ۾ انڊس بيسن تي ڇھ ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا فني طور ناممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلشن حديد م صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته درياهه مان جيڪي به واھ نڪتل آهن، انهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، نون ڪئنالن پاڻي موجود ئي ڪونهي، چولستان ڪئنالن جي لاءِ سنڌو مان پاڻي کنيو ويندو..تنهن ڪري هي رٿا سياسي طور نه صرف مسلم ليگ لاءِ هاڃيڪار پر وفاق لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿيندو. مسلم ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن زبردستي چولستان ڪئنال تي عمل ڪيو ويندو ته صوبن وچ ۾ ويڇا وڌندا جيڪو يقينن ملڪ لاءِ سٺو سئوڻ نه هوندو.هن چيو ته سنڌ ۾ چولستان ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ فطري رد عمل آهي.
0 تبصرے