مڪلي جي خشڪ برادري پاران ٺٽي ۽ مڪلي جي ايس ايڇ اوز جي مان ۾ آجياڻو

ايس ايڇ اوز اطهر علي چنا ۽ لهڻو خان بوزدار کي لونگين جا تحفا ڏنا ويا

مڪلي جي خشڪ برادري پاران ٺٽي ۽ مڪلي جي ايس ايڇ اوز جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)مڪلي جي خشڪ برادري جي معزز آپڪا ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ، سياسي، سماجي شخصيت سردار حاجي محمد اشرف خشڪ بھائي پاران خشڪ ھائوس مڪلي تي ايس ايڇ او ٺٽو اطھر علي چنا ۽ ايس ايڇ او مڪلي لھڻو خان بوزدار جي مان ۾ اجياڻو ڏيئي کين لونگين جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي سردار حاجي محمد اشرف خشڪ چيو تہ ھو سٺن فرض شناس آفيسرن جو قدر ڪري ٿو، جيڪي جان جوکي ۾ وجھي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن سان منھن اٽڪائي کين ڪيفر ڪردار تائين پھچائي پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪن ٿا، اھڙا آفيسر جس لھڻن ٿا. ان موقعي تي ايس ايڇ او ٺٽو ۽ ايس ايڇ او مڪلي اطھر علي چنا ۽ لھڻو خان بوزدار چيو تہ سندن اچڻ بعد ھنن ڏوھن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري ڏوھارين ۽ منشيات فروشن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو آھي، ھنن چيو تہ سندن ڪاروايون ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون، ڪوبہ ڏوھاري توڙي منشيات فروش قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندو. ھنن سردار حاجي محمد اشرف خشڪ بھائي جو پڻ ٿورو مڃيو جن کين ھيڏو سارو مان ڏنو. ان موقعي تي مقصود احمد خشڪ، محمد ايوب ملاح، علي محمد جماري، شبير خشڪ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.