ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ انتظاميه پاران واپارين کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين جي مقرر اگھ تي وڪرو ڪرڻ جو حڪم، عمل نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ طرفان کاڌ خوراڪ ۽ روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين جا مقرر اگھ تي سامان ڏيئي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ جو ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ان ڏس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، مختيار ڪار سامارو آصف علي ڪالرو، مختيار ڪار پٿورو علي شير سميجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلائي اينڊ پرائس ڪنٽرول عمرڪوٽ امجد علي ابڙو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت کاتو اياز ڪاڇيلو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي اجلاس جو مقصد عام شهرين کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ آهي ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ دڪاندارن جي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان غريب عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون، هن چيو ته ڪنهن به واپاري کي ناجائز منافعو وٺڻ، مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي مختلف شين جنھن ۾ چڪي جو اٽو 90 روپيا في ڪلو ۽ فلور ملز جو اٽو 90 روپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته دال مسور 260، دال مونگ 260، دال مٽر 260، بيسن 180، چانور ايري 125، چانور سپر ڪرنل 320، سوجي 105، ڳاڙھا مرچ 650 روپيا، ڌاڻا پيٺل 460، گوشت ٻڪر جو 1700 روپيا، گوشت وڏو 950 روپيا، کير 200 روپيا في ڪلو، ڌونئرو 220 روپيا في ڪلو مقرر ڪيا ويا آھن جڏھن ته اي ڊي سي ون وڌيڪ چيو ته مھانگي اگھہ تي شيون وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي هن چيو ته سمورا واپاري انتظاميه طرفان مقرر ڪيل قيمتن جي فهرست نمايان جڳهه تي لڳائن خريدارن کي مقرر اگهه تي شيون وڪرو ڪن، ان موقعي تي هن ويٽ اينڊ ميرمينٽ آفيسر کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽن جو دورو ڪيو وڃي ۽ ماپ جا اوزار چيڪ ڪيا وڃن ۽ ڪو به واپاري ان جي خلاف ورزي ڪري تہ ان لاءِ گڏيل ۽ جامع آپريشن ڪيو وڃي هن مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ڀاڄين ۽ ميون جي نيلامي پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪن ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ سمورن واپارين پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ويو ۽ روز مره جي استعمال جي شين جا ريٽ مقرر ڪيا ويا
0 تبصرے