English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو
164 views
|
14th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
يوسي بختاور تي پ پ جي نامزد اميدوار چيئرمين بابر علي مگسي 2493 ووٽ کڻي ڪامياب
ملير (ڊ ر) ملير ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو، ملير جي يوسي بختاور تي پ پ جي نامزد اميدوار چيئرمين بابر علي مگسي 2493 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته يوسي شيرپائو جي وارڊ تي پ پ جو نامزد اميدوار جنرل ڪائونسلر آصف تنولي 994 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، پ پ اميدوارن جي ڪاميابي تي ڪارڪنن پاران جشن، گيتن تي جمهريون، هڪٻئي کي مٺايون کارائي مبارڪون ڏنيون، ملير ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ننڍي چونڊ ۾ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: راجا رزاق بلوچ، خبر موجب: ملير ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ملير ٽائون جي يونين ڪميٽي بختاور تي يوسي چيئرمين جي سيٽ تي ٿيندڙ ننڊي چونڊ ۾ پ پ جي نامزد اميدوار بابر مگس2493 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته جماعت اسلامي جي نامزد اميدوار نعمان احمد 528 ۽ پي ٽي آء جي نامزد اميدوار عزير علي 126 ووٽ کڻي سگهيو جڏهن ته يوسي شيرپاء جي وارڊ 4 جنرل ڪائونسلر تي ٿيندڙ چونڊ ۾ پ پ جي نامزد اميدوار آصف تنولي 994 جماعت اسلامي جي اميدوار اڪرم سواتي 362 ۽ پي ٽي آء جي اميدوار اعظم خان 131 ووٽ کڻي سگهيو. ٻئي طرف ملير مان پ پ اميدوارن جي ڪاميابي تي ڪارڪنن ۽ جيالن پاران جشن ملهايو ويو آتشبازي ڪري گيتن تي جمهريون هڻي هڪٻئي کي مٺايون کارائي مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته ان حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي صدر ۽ ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ننڍي چونڊ ۾ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسين عوام جا شڪر گذار آهيون جن پاڪستان پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں مرحوم محمد ناصر استاد کی یاد میں تعزیتی ریفرنس منعقد
14th May 2026
•
سندھ
سید تراب شاہ کی بیگم سلمیٰ احمد کی وفات پر تعزیت
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
14th May 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں مرحوم محمد ناصر استاد کی یاد میں تعزیتی ریفرنس منعقد
14th May 2026
•
سندھ
سید تراب شاہ کی بیگم سلمیٰ احمد کی وفات پر تعزیت
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
پاڪستان پيپلزپارٽي
0 تبصرے