ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ۽ ٻين پاران ريڊنگ روم خان محمد ڳوٺ يوسي درساڻو ڇنو جو افتتاح

وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، ڪائونسل ميمبر مرتضيٰ يار محمد بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار به موجود هئا

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ۽ ٻين پاران ريڊنگ روم خان محمد ڳوٺ يوسي درساڻو ڇنو جو افتتاح

ملير (ڊ ر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، ڪائونسل ميمبر مرتضيٰ يار محمد بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار سان گڏ ريڊنگ روم خان محمد ڳوٺ يوسي درساڻو ڇنو گڏاپ ٽائون جو افتتاح ڪيو، چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور ۽ ويزن جي مطابق اسان ترقياتي منصوبن جو هر سطح تي آغاز ڪري ڇڏيو آهي هن ريڊنگ روم جي ڪنسٽرڪشن مان ڳوٺ جي ٻارڙن کي مطالعي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، گڏاپ ٽائون جي اڪثريتي آبادي ٻهراڙي تي مشتمل آهي ان کي بلدياتي سهوليتن کان آراسته ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذميداري اسان تي ڪلهن تي آهي ان جو حق پوري طرح سان ادا ڪرڻ اسان جي لازم آهي جنهن تي سئو سيڪڙو عمل ڪيو پيو وڃي، وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو چيو ته گڏاپ ٽائون ۾ محدود وسيلن ۽ بي شمار رڪاوٽن جي باوجود اسان کان عوام جي جيڪي توقعات وابستا آهن ان کي پورو ڪيو پيو وڃي پنهنجي اختيارن ۾ رهندي گڏاپ ٽائون جي عوام جي خدمت خلوص نيت سان ڪري رهيا آهيون، سپريٽينڊنٽ انجنيئر فرمان علي لاشاري چيو ته گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان گامزن آهيون، ڪم ۾ معيار جو به خاص خيال رکيو ويو آهي تمام جلد ٻين ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ويندو. ان موقعي تي يوسي چيئرمين نبي بخش پالاري، AEE مهراڻ ملڪ، سب انجنيئر مرتضيٰ درس، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، پي ايس وائيس چيئرمين جهازيب جوکيو، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي ۽ علائقي جا معززين لالا اسلم جوکيو، اڳوڻو چيئرمين آدم گبول ۽ ٻيا پڻ شامل هئا.