نوشهروفيروز ۾ سماجي ورڪر، اديب، شاعر، محقق، ڪهاڻيڪار، لطيف جو پارکو اعجاز ممنائي جي سالگرهه ملهائي وئي

سالگرهه تقريب ۾ ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو، هدايت الله سولنگي، ماجد کرل ۽ ٻيا شريڪ

نوشهروفيروز ۾ سماجي ورڪر، اديب، شاعر، محقق، ڪهاڻيڪار، لطيف جو پارکو اعجاز ممنائي جي سالگرهه ملهائي وئي

نوشهروفيروز (ڊ ر) هڪ ئي وقت استاد، سماجي ورڪر، اديب، شاعر، محقق، ڪهاڻيڪار، شاهه لطيف جو پارکو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق اعجاز ممنائي جي پنجاهين سالگرھ ملهائي ويئي ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو۔ پيراميڊيڪل اڳواڻن هدايت الله سولنگي۔ حفيظ الله راڄپر۔ ماجد حسين کرل۔ علي اصغر چنه۔محمد هاشم گهانگهو قاضي نور محمد ۽ ٻين اعجاز ممنائي جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي کيس مبارڪون ڏيندي پنهنجي لازوال محبت جي اظھار ڪيو ۽ چيو ته اعجاز ممنائي بهترين انسان سان گڏ جدوجهد ڪندڙ ادب دوست آهي سندس مقصد انسانيت جي بقا ۽ سلامتي آهي اڄ توڙي جو هو پنجاهه سالن جو ٿي ويو آهي پر سندس جذبا اڃا جوان آهن ان موقعي تي اعجاز ممنائي تاثرات لکندڙ دوستن ۽ اخبار ۾ شايع ڪندڙ مالڪن ۽ سمورن سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيندڙ دوستن ۽ ڀائرن جو شڪريو ادا ڪيو جن پنهنجن پيغامن ۾ کيس مبارڪباد ڏنيون۔ هن چيو ته جن دوستن پنهنجي پنهنجي وال تي منهنجي سالگرھ جا اسٽيٽس رکيا, فون, واٽس ايپ فيس بوڪ ۽ ميسينجر تي مبارڪون ڏنيون انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن منهنجي همت ۽ حوصلي لاء آهي انشاء الله مان دوستن جون اهي محبتون ڪڏهن به وساري نه سگهندس ۽ انسانذات جي خدمت لاء هر وقت ڪوشش ڪندو رهندس۔