English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي گذري
203 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين جي حڪم جي حوالي سان ٿي
شڪارپور (احسان ابڙو) سنڌ هاء ڪورٽ سکر بئنچ جي پٽيشن ۾ ڏنل حڪم تحت هڪ گريڊ کان چار گريڊ جي نوڪرين لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي۔تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري۔ گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس، گورنمينٽ ڊگري ڪاليجن جي پرنسپالن، ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڊي اي او پرائمري اسڪولس، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ، هائي وي ڊپارٽمينٽ، بلڊنگس، ايڊيوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، ايگريڪلچر، سوشل ويلفيئر، بيورو آف اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي جي ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته سنڌ هاء ڪورٽ سکر جي پٽيشن ۾ ڏنل حڪم تحت 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاء ضلعي جي سڀني آفيسرن کي ڪورٽ جي ليٽر ذريعي آگاهي ڏني آھي ته پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي خالي پيل جاين جي هڪ لسٽ ٺاهي ڏني وڃي ته جيئن اسان ڪورٽ جي حڪم تحت اهي ڊپارٽمينٽل لسٽون ٺاهي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايس اينڊ جي ڊي سيڪريٽري کي اماڻي سگهون۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته اسان کي سنڌ هاء ڪورٽ سکر، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايس اينڊ جي ڊي سيڪريٽري جون سخت هدايتون مليل آھن ته جيترو جلدي ٿي سگهي اسان ڊپارٽمينٽل لسٽون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان پنهنجا نمائندا مقرر ڪري 15 کان 20 ڏينهن اندر انهن تي عمل شروع ڪري سگهون۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته اسان پهريون ترجيح پٽيشنرن کي ڏينداسين ۽ جن جا والدين سروس دوران گذاري ويا آھن ۽ جيڪي معذور رهجي ويا انهن کي انٽرويو ذريعي انهن کي به نوڪري ۾ کڻنداسين۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ
ڊي اي او سيڪنڊري
0 تبصرے