مورو ۾ فلاحي اداري جي تعاون سان غريب ماڻهن لاءِ دسترخوان لڳايو ويو

سماجي اڳواڻ خالد حسين ٻگهيو جي ڪاوشن سان ماڻهن لاءِ دسترخوان لڳايو ويو

مورو ۾ فلاحي اداري جي تعاون سان غريب ماڻهن لاءِ دسترخوان لڳايو ويو

مورو (جاني جماڻي) بگهيا برادري جي معزز سخي مرد شخصيت خالد حسين ٻگهيو جي تعاون سان ملڪ جي مشهور فلاحي اداري سيلاني ويلفيئر انٽر نيشنل ٽرسٽ پاران مورو جي مسڪين نادار مفلس ماڻهن لاء سيلاني دسترخوان قائم ڪري ورتو دسترخوان ۾ مسڪين ماڻهن کي صبح جو ناشتو، مانجهاندو ۽ رات واري ماني جو بندوست کارائي ويندي سماجي رھنما خالد حسين ٻگھيو چيو تہ زندگي جو اصل مقصد انسانيت جي خدمت آھي منھنجي ڪوشش ھئي تہ مان پنھنجي ڳوٺ آس پاس جي مسڪين غريب بي پھچ ماڻھن جي خدمت لاء ڪو اثرائتو قدم کڻا رب ڪريم پنھنجو خاص ڪرم ڪري منھنجي اھا خواھش پوري ڪئي مون ڪافي سالن کان سيلاني واري کي اپيل ڪئي ھئي تہ ھو پنھنجون خدمتون اسان جي علائقن م بہ ڪن انھن منھنجي ڪيل اپيل تي غور ڪيو مون انھن کي نيشنل ھاء وي تي پنھنجي زاتي جڳھہ ڏني آھي جتي دسترخوان کوليو ويو آھي ھتي غريب مسڪين ماڻھن کي وقت تي ماني کارائي وڃي ٿي غريبن جي خدمت ڪري مون کي دلي سڪون ملي ٿو مون پنھنجي زاتي زمين سيلاني وارن کي ڏني آھي جتي نياڻين ء ڇوڪرن لاء الڳ الڳ مدرسو کوليو ويندو ان کان علاوہ فري اسپتال پڻ کولي ويندي اسان جي ڪوشش آھي تہ اسان پنھنجي علائقن ء آس پاس جي ماڻھن جون خدمتون ڪيون ھن مورو سميت آس پاس جي سرندي وارن کي اپيل ڪئي تہ پنھنجو صدقو خيرات سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ کي ڏيون جيئن غريب ماڻھن جي اڃان وڌيڪ خدمت ٿي سگھي ھن چيو مان ھر مھيني ھڪ لک روپيہ ھن اداري کي ڏيندو آھيان