ٺٽي ۾ ڇهين درجي جي شاگردن جو والد سميت بااثر پاران مبينا هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

هاءِ اسڪول آخوند م پڙهندو آهيان، اسڪول ايندي ويندي عمر گندرو دوستي لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو: عرفان ميربحر

ٺٽي ۾ ڇهين درجي جي شاگردن جو والد سميت بااثر پاران مبينا هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)اسلام پور محلي ٺٽي جي رھواسي ڇھين ڪلاس جي شاگرد عرفان ميربحر پنھنجي پيءَ رفيق احمد ميربحر سان گڏ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آھي تہ ھو گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول آخوند براديہ ۾ ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندڙ آھي ، اسڪول ايندي ويندي بدنام زمانه ڏوھاري شخص عمر پٽ مامون گندرو جنھن کي ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ھئڻ تي پوليس ھاف فرائي ڪري چڪي آھي اھو تنگ ڪندو رھي ٿو ۽ چوي ٿو ته مون سان دوستي رک نه ته آئون تنھنجو جيئن جنجال بڻائي ڇڏيندس ، نه توکي اسڪول وڃڻ ڏيندس ۽ نه ئي تون ڪو دڪان تي ڪم ڪري سگھندي ھن وڌيڪ چيو ته مذڪوره جوابدار پاڻ کي وَڏو دھشتگرد ٿو سڏائي ۽ مونکي ڌمڪيون ڏنيون اٿس ته جي تو مونسان دوستي نہ رکي ته آئون توکي اغوا ڪرائي ڇڏيندس , ان موقعي تي ڇوڪري جي پيءُ رفيق احمد ميربحر صحافين کي ٻڌايو تہ منھنجو پٽ اوباش قسم جي ڏوھاري عمر گندرو جي خوف کان ڪافي ڏينھن کان اسڪول به نہ وڃي سگھيو آھي ۽ ھو سخت خوف ۾ ورتل آھي ۽ ذھني طور سخت اذيت جو شڪار آھي ، ھن وڌيڪ چيو ته اسان مذڪوره جوابدار جي مائٽن ۽ چڱن مٺن کي دانهون ڏنيون آھين پر ڪير اسان جي ھڪ به نٿو ٻڌي ھن ايس ايس پي ٺٽو ، ڊي آئي جي حيدرآباد ريجن ، آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور جوابدار عمر گندرو کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسانکي تحفظ فراھم ڪيو وڃِي