سلمان مراد، اسدالله خان، ايم پي اي راجا رزاق، نظير ڀٽو ۽ ٻيا به موجود هئا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان پاڪستان اسٽيل مل جي اعليٰ وفد جي چيئرمين جي ملاقات، ملاقات ۾ ڊپٽي ميئر سلمان مراد، سي اي او واٽر ڪارپوريشن اسدالله خان، ايم پي اي راجا رزاق، ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو ٻين مڪاني نمائندن سميت سمورا چيف انجنيئر موجود هئا، پاڪستان اسٽيل مل ڏانهن واٽر بورڊ جي 11 ارب رپين جي رهتن سميت رهائشي علائقن اسٽيل ٽائون، گلشن حديد فيز هڪ، فيز 2 ۽ ايڪسٽينشن فيز 3 جي پاڻي فراهمي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اجلاس ۾ اسٽيل مل انتظاميا پاڻي جو سڄو نظام واٽر بورڊ حوالي ڪرڻ جو اظهار ڪيو، تفصيل موجب ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان پاڪستان اسٽيل مل جي ھڪ اعليٰ سطحي وفد چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪئي، اسٽيل مل ڏانهن واٽر بورڊ جي 11 ارب رپين جي رهتن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ميمبرن ساجد جوکيو، راجا رزاق بلوچ، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو ۽ ٻين مڪاني نمائندن سميت ڊي ايم ڊي آر آر جي واٽر ڪارپوريشن ۽ سمورا چيف انجنيئرز پڻ موجود هئا، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽيل مل جي رهائشي علائقن اسٽيل ٽائون، گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ۽ ايڪسٽينشن فيز 3 ۾ پاڻي جي فراهمي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اجلاس جي دوران پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي پاڻي جو سڄو نظام واٽر ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، اسٽيل مل جي ترجمان واٽر ڪارپوريشن پاڪستان اسٽيل مل کي پنھنجو پاڻي جو سمورو نظام حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، واٽر ڪارپوريشن انتظاميا موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان اسٽيل مل زيرو پوائنٽ اسٽيل ڪينال ۽ فلٽر پلانٽ سميت پنهنجو سمورو نظام واٽر ڪارپوريشن جي حوالي ڪري تہ واٽر ڪارپوريشن لاڳاپيل علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو، پاڪستان اسٽيل مل واٽر ڪارپوريشن کي پنھنجي رهتن جا 11 ارب رپيا جلد ادا ڪري ڇاڪاڻ تہ واٽر ڪارپوريشن کي پنهنجي ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون ادا ڪرڻيون آھن، پاڪستان اسٽيل ملز جي وفد جو چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي بورڊ کان منظوري وٺڻ کان پنهنجي موقف کان آگاھ ڪندي، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو ته جيستائين ڪو معاهدو نہ ٿيندو تيستائين اسٽيل مل انتظاميا گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ ايڪسٽينشن فيز 3 ٽائون شپ اسٽيل ٽائون صنعتي صارفين ۽ ٻين رهائشي آبادين ۽ هائوسنگ سوسائٽين ۾ پاڻي جي فراهمي جي پاڻ ذميوار آھي، پاڪستان اسٽيل مل جا رهائشي علائقا اسٽيل ٽائون گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ۽ ايڪسٽينشن فيز 3 واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ 2023 تحت واٽر ڪارپوريشن جي زمري ۾ نہ ٿا اچن ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي ايراضي اندر اچڻ وارا علائقا واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ جي تحت واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ شامل نہ آھن، جڏهن ته پاڪستان اسٽيل مل جي آئيني باڊي موجود آهي جنهن جي تحت مٿي ڄاڻايل علائقا پاڪستان اسٽيل مل جي زمري ۾ اچن ٿا، واٽر ڪارپوريشن پنهنجي بلڪ واٽر سپلاءِ سسٽم ڪراچي گجو ڪينال جي ذريعي پاڪستان اسٽيل مل کي مسلسل پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي.
0 تبصرے