شاگردن پنهنجي نصاب مطابق سائنسي ماڊل پيش ڪيا،استادن سان گڏ شهري به شريڪ ٿيا
ٺٽو(ڊ ر)گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مڪلي ۾ ڇهين ڪلاس جي شاگردن پاران سائنس جي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو. هن سائنس نمائش جو افتتاح ڊپٽي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر محمد شفيق آرائين ڪيو. تقريب جي افتتاح جي موقعي تي هن چيو ته سائنسي نمائش شاگردن جي ذهني نشونما لاءِ تمام ضروري آهي. اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙا سائنسي پروگرام کين اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏين ٿا. سائنس نمائش جي آرگنائيزر استاد محمد صفدر ٺٽوي جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي سينيئر هيڊماستر بشارت الياس جوکيو، ضلعي اليڪشن آفيسر ٺٽو حميرا بنت معاذ، سينيئر اسسٽنٽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٺٽو نعمان احمد گسٽا ضلعي صدر ٺٽو غلام بني خشڪ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ٺٽو نور محمد سرائي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ڊپارٽمينٽ ٺٽو خدا بخش بھراڻي، ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ڊپارٽمينٽ ٺٽو مهرين سومرو، نياز احمد ميمڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ڊپارٽمينٽ سجاول، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين عبدالحميد سومرو، چيئرمين سگا ضلعي ٺٽو شمس الدين کوڏائي، سينيٽر استاد مس فوزيه رند ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته سائنسي نمائش شاگردن جي ذهني نشونما ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سائنس جا منصوبا ۽ ماڊل شاگردن جي دانشورانه صلاحيتن کي سائنسي نمائش ذريعي آزمايا ويندا آهن. ڇو ته ٻار بالغن کان مختلف سوچندا آهن. ان ڪري، اهي پنهنجي سائنسي ماڊل جي بنياد تي ڪيتريون ئي شيون ٺاهيندا آهن جن کي بهتر ڪري يا ٿورو وڌيڪ ڪم ڪري حقيقت ۾ آڻي سگهجي ٿو. سائنسي نمائش شاگردن جي ذهني نشونما ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. مهمان خاص چيو ته شاگردن جا ٺاهيل پراجيڪٽ ۽ ماڊل ڏاڍا متاثر ڪندڙ هئا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي هر دور ۾ هڪ اهم موضوع رهيو آهي، ان سان شاگردن جي واقفيت به ضروري آهي ڇو ته ايندڙ وقت سائنسي دور جي انتها تي هوندو. ان موقعي تي ڇهين ڪلاس جي شاگردن پنهنجي نصاب مطابق سائنسي ماڊل پيش ڪيا. جنهن کي حاضرين تمام گهڻو پسند ڪيو.
0 تبصرے