English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ محمد صهيب راجپوت پاران ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو
101 views
|
06th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ان موقعي تي علي محمد رند، وڪرم ڪمار ۽ لطيف عباسي به ڊپٽي ڊائريڪٽر سان گڏ موجود هئا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي وزير ماحوليات، موسمي تبديلي ۽ ساحلي ترقي دوست محمد راهمون، سيڪريٽري ماحوليات تميرالدين کهيڙو ۽ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات نعيم مغل جي خاص هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ريجنل انچارج SEPA ميرپور خاص محمد صهيب راجپوت عمرڪوٽ جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو، تفصيل موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر ضلعي انچارج ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي محمد رند، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمرڪوٽ وڪرم ڪمار ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لا طيف عباسي سان گڏ اسپتال جي دورو ڪيو، جتي سينئر سول سرجن فريد احمد هنگورجو سان ملاقات ڪئي. سول سرجن اسپتال جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته هي اسپتال 100 بسترن تي مشتمل آهي. بريفنگ کان پوءِ ٽيم سول سرجن سان گڏجي اسپتال جو معائنو ڪيو، معائني دوران اسپتال ۾ فضلي جو ڪچرو جهڙوڪ استعمال ٿيل سرنج، ڊرپ سيٽ، بلڊ بيگز، انجڪشن وائلز، يورين بيگز ۽ ڪئنولا وغيره هڪ ئي جاءِ تي گڏ ڪيو ويو هو ۽ رنگين ڪوڙا دان پڻ موجود هئا. فضلو کليل جاءِ تي ۽ غير محفوظ هنڌن تي ڦٽو ڪيو ويو هو، جتي ٽيم ڏٺو ته گند ڪچرو ساڙيو ويو هو. ٻي طرف وارڊن ۽ ليب ۾ طبي اسٽاف حفاظتي تدبيرون جيئن ته هينڊ گلووز، ماسڪ ۽ ايپرون نه پاتل هئا، جيڪو ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ان تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ريجنل انچارج محمد صهيب راجپوت اسپتال انتظاميا کي ڇنڊ پٽي ڏني، جڏهن ته اتي موجود نئون انسينيٽر استعمال ڪرڻ جي بجاءِ ڪچرو ان جي چوڌاري ڦٽو ڪيو ويو هو. هن موقعي تي سينئر سول سرجن فريد احمد هنگورجو ٻڌايو ته انسينيٽر هڪ سال کان نصب ٿيل آهي پر اڃا تائين استعمال ۾ نه آيو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ريجنل انچارج محمد صهيب راجپوت سينئر سول سرجن کي ماحولياتي NOC ۽ اسپتال ويسٽ مينيجمينٽ پلان جلد فراهم ڪرڻ ۽ اسپتال جي سموري اسٽاف کي اسپتال ويسٽ مينيجمينٽ بابت جلد کان جلد آگاهي ٽريننگ ۽ سيمينار ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي سينئر سول سرجن عمرڪوٽ سنڌ جي ماحولياتي تحفظ جي قانون جي پابندي ڪرڻ جي يقين ڌياني پڻ ڪرائي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
صوبائي وزير ماحوليات
SEPA
0 تبصرے