سجاول: جمعيت علماء اسلام پاران سيرت النبي صه ڪانفرنس منقعد

سنڌو درياء تي ڪينال ٺاھڻ خلاف تحريڪ هلائينداسين، گستاخ رسول کي بخش نه نٿو ڪري سگهجي: مقرر

سجاول: جمعيت علماء اسلام پاران سيرت النبي صه ڪانفرنس منقعد

سجاول(رپورٽر)جمعيت علماء اسلام يوسي گهوٽارو جي چئرمين عبدالغني سومرو جي طرفان آمڙا اسٽاپ تي سيرت النبي صلي الله عليه وسلم ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي. جنھن جو مھمان خاص جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جو امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ علامہ ناصر محمود سومرو جن هئا. ڪانفرنس کي عبدالرزاق عابد لاکو. مولانا غلام محمد سومرو. مولانا گل حسن زئور. مولانا خان محمد پٺاڻ. مولانا اسماعيل قاسمي. ۽ ٻين خطاب ڪيو انھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته روز الله جي پاڪ رسول صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي وڃي ٿي جيڪا ڳالھ مسلمانن جي برداشت کان ٻاهر آهي. اسان کي قانون جو درس ڏيڻ وارن کي ٻڌائڻ گھرون ٿا ته ڇا گستاخ لاء جيڪا سزا قانون ۾ آهي اها ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن رياست پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندي ته مسلمان ماٺ ڪري نه ويهندا ڇو ته اسان مسلمانن جي لاء اهو ايماني غيرت جو مسئلو آهي. هنن وڌيڪ چيوته سنڌو درياء تي ناجائز ۽ زبردستي ڪينال ٺاھڻ خلاف تحريڪ هلائينداسين. انھن چيو ته اچو ته سنڌوء کي سڪائڻ ۽ سنڌ کي بنجر بڻائڻ واري منصوبي کان سنڌ کي بچايون ۽ امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاء پاڻ پتوڙيون ڪانفرنس ۾ جمعيت علماء اسلام جي ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس رات دير تائين جاري رهي