English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي کوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو
views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
مقامي پورهيتن پاران فيڪٽرين جي مک گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، فيڪٽري انتظاميه خلاف نعريبازي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) کوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج، فيڪٽرين جو مک دروازو ۽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج دوران انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ، فيڪٽرين مان اٿندڙ ڊسٽ سبب علائقي واسي سخت متاثر ٿي رهيا آهن، چونڊيل نمائندا مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ليلا بلوچ ۽ ٻين جو ڌرڻي کي خطاب، صبح 8 وڳي کان لڳل ڌرڻو انتظاميا سان ڳالهين کان پوءِ ختم ڪيو ويو تفصيل موجب ملير جي ڪوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ليلا بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ڪمپنين جو مک دروازو ۽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي، ڪافي دير تائين پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، ان موقعي تي ليلا بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روزگار جا دروازا نه کوليا ويا ته احتجاج جاري رکيو ويندو، علائقي ۾ قائم فيڪٽرين ۽ ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن علائقي جي بي روزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ قائم فيڪٽرين مان اٿندڙ ڊسٽ ۾ به علائقي واسي سخت متاثر ٿي رهيا آهن هنن ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ملير ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صبح 8 وڳي کان ٿيندڙ احتجاج کي 6 ڪلاڪ گذرڻ بعد انتظاميا ساڻن ڳالهيون ڪري مطالبن جي مڃتا جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
کوهي ڳوٺ
0 تبصرے