English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي کوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو
202 views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
مقامي پورهيتن پاران فيڪٽرين جي مک گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، فيڪٽري انتظاميه خلاف نعريبازي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) کوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج، فيڪٽرين جو مک دروازو ۽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج دوران انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ، فيڪٽرين مان اٿندڙ ڊسٽ سبب علائقي واسي سخت متاثر ٿي رهيا آهن، چونڊيل نمائندا مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ليلا بلوچ ۽ ٻين جو ڌرڻي کي خطاب، صبح 8 وڳي کان لڳل ڌرڻو انتظاميا سان ڳالهين کان پوءِ ختم ڪيو ويو تفصيل موجب ملير جي ڪوهي ڳوٺ ۾ قائم فيڪٽرين ۾ مقامي پورهيتن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ليلا بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ڪمپنين جو مک دروازو ۽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي، ڪافي دير تائين پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، ان موقعي تي ليلا بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روزگار جا دروازا نه کوليا ويا ته احتجاج جاري رکيو ويندو، علائقي ۾ قائم فيڪٽرين ۽ ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن علائقي جي بي روزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ قائم فيڪٽرين مان اٿندڙ ڊسٽ ۾ به علائقي واسي سخت متاثر ٿي رهيا آهن هنن ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ملير ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صبح 8 وڳي کان ٿيندڙ احتجاج کي 6 ڪلاڪ گذرڻ بعد انتظاميا ساڻن ڳالهيون ڪري مطالبن جي مڃتا جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
کوهي ڳوٺ
0 تبصرے